ڪراچي ۾ خطرناڪ عمارتن خلاف وڏي پيماني تي ڊيموليشن مهم جي  شروعات ڪئي وئي آهي: مزمل حسين هاليپوٽو

ڪراچي-16 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل مزمل حسين هاليپوٽو چيو آهي ته ڪراچي ۾ خطرناڪ عمارتن خلاف وڏي پيماني تي ڊيموليشن مهم جي  شروعات ڪئي وئي آهي هن مهم جو مقصد شهرين جي قيمتي جانين جو تحفظ ۽ شهر کي محفوظ ۽ پائيدار تعميرات ڏانهن وٺي وڃڻ آهي۔ ايس بي سي اي جي ترجمان موجب، ايس بي سي اي جي ڊي جي چيو آهي …

ڪراچي-16 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل مزمل حسين هاليپوٽو چيو آهي ته ڪراچي ۾ خطرناڪ عمارتن خلاف وڏي پيماني تي ڊيموليشن مهم جي  شروعات ڪئي وئي آهي هن مهم جو مقصد شهرين جي قيمتي جانين جو تحفظ ۽ شهر کي محفوظ ۽ پائيدار تعميرات ڏانهن وٺي وڃڻ آهي۔ ايس بي سي اي جي ترجمان موجب، ايس بي سي اي جي ڊي جي چيو آهي ته ڊيمولشن ٽيمون ڪراچي جي علائقن لياري نوآباد ۽ آگره تاج ۾ موجود انتهائي خطرناڪ عمارتن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ جو عمل شروع ڪري چڪيون آهن۔ هي قدم عوامي سلامتي لاءِ هڪ وڏي اڳڀرائي آهن، جنهن سان مستقبل ۾ امڪاني حادثن کان بچاءُ ممڪن بڻائي سگهجي ٿو۔ هن چيو ته ايس بي سي اي جي تازي رپورٽ موجب، ڪراچي ۾ ڪل 540 عمارتن کي خطرناڪ قرار ڏنو ويو آهي، جن مان 59 عمارتون انتهائي خطرناڪ آهن۔ انهن مان گهڻين عمارتن کي اڳ ۾ ئي رهواسين کان خالي ڪرايو ويو آهي، جڏهن ⁠ته ڊاهڻ جو عمل مرحليوار ۽ محفوظ طريقي سان جاري آهي۔ ترجمان موجب، انهن عمارتن کي خطرناڪ عمارتن بابت ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي سفارش تي خطرناڪ قرار ڏنو ويو هو۔ اها ڪميٽي ماهر انجنيئرن تي ٻڌل آهي، جيڪي عمارتن جي فني حالت، ڍانچي جي خطري ۽ امڪاني نقصان جو باقاعدي جائزو وٺن ٿا۔ ڊائريڪٽر جنرل چيو ته سنڌ حڪومت جي ويزن تحت ايس بي سي اي شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ سرگرم عمل آهي۔ “اسان جي ترجيح اها آهي ته ڪو به شهري خطرناڪ عمارت جي وزن هيٺ اچي پنهنجي جان نه وڃائي ۽ اهو ئي هن مهم جو بنيادي مقصد آهي، ايس بي سي اي جي ڊي جي، وڌيڪ چيو ته خطرناڪ عمارتن جي ڊاهڻ سان گڏوگڏ غيرقانوني اڏاوتن خلاف به “زيِرو ٽالِرنس” پاليسي تي سختي سان عمل ڪيو پيو وڃي، جيئن شهر جي ترقي ۽ تعمير محفوظ بنيادن تي قائم رهي۔ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو پنهنجي علائقن ۾ موجود ڪنهن به زبون حالت يا پراڻي عمارت جي اطلاع ايس بي سي اي جي هيلپ لائين يا ويب سائيٽ ذريعي ڏين، جيئن انساني جانين جي تحفظ جي قومي فرض ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهجي.

مزید خبریں