راولپنڊي-16 آڪٽوبر (اي پي پي) مهمند ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪارروائيءَ دوران پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 50 خوارجين کي ماري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب فتنه الخوارج طرفان سيز فائر جو فائدو کڻندي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. مهمند ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز هڪ وڏي ڪارروائي دوران پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 45 کان 50 خوارجين کي ماري ڇڏيو آهي. …
مهمند ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪارروائي، پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام، 50 خوارجي مارجي ويا

مزید خبریں
راولپنڊي-16 آڪٽوبر (اي پي پي) مهمند ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪارروائيءَ دوران پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 50 خوارجين کي ماري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب فتنه الخوارج طرفان سيز فائر جو فائدو کڻندي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. مهمند ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز هڪ وڏي ڪارروائي دوران پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 45 کان 50 خوارجين کي ماري ڇڏيو آهي. خبر موجب آپريشن ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ڪيو ويو جنهن ۾ خوارجين جي وڏي لشڪر کي نشانو بڻايو ويو. ڪارراوئيءَ دوران ڪيترائي خوارجي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پاڪ فوج علائقي کي گهيري ۾ آڻي مڪمل ڪليئرنس آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ڪيترائي ڪلاڪ جاري رهي. فوٽيج ۾ آپريشن ٿيڻ کان پهرين خوارجين جي سرگرمي کي ڏسي سگهجي ٿو.مارجي ويل خوارجي افغانستان مان پاڪستان ۾ دهشتگرداڻيون ڪارروايون سرانجام ڏيڻ آيا هئا.











