اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ خميس ڏينهن ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1241.67 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 164444.71 تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 484 ڪمپنين جي 3078.36 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 50.60 ارب رپيا هئي. 174 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 269 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 41 ڪمپنين جي …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي جو رجحان، 100 انڊيڪس 1241.67 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 164444.71 پوائنٽس تي بند

مزید خبریں
اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ خميس ڏينهن ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1241.67 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 164444.71 تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 484 ڪمپنين جي 3078.36 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 50.60 ارب رپيا هئي. 174 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 269 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 41 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 456.01 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 50467.15 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 2269.58 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 239381.13 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 15.76 ارب رپين جا سودا طئي ٿيا. گذريل ڏينهن ڪي اليڪٽرڪ جي 1022414237 شيئرز، ورلڊ ڪال ٽيلي ڪام 953713941 شيئرز ۽ ٽيلي ڪارڊ لميٽڊ جي 99870338 شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. ورلڊ ڪال ٽيلي ڪام، نيڪسٽ ڪيپٽل لميٽڊ ۽ آءِ سي سي انڊسٽريز سرفهرست ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون، مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن جو ڳاڻيٽو 67.9 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو.











