صدر آصف علي زرداري جي ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد شهيد جي رهائشگاهه آمد، سوڳوار خاندان سان تعزيت

اسلام آباد - 16 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري راولپنڊي ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد شهيد جي رهائشگاهه تي وڃي سوڳوار خاندان سان تعزيت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر شهيد جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي شهيد جي درجن جي بلنديءَ ۽ پونئيرن کي اهو ناقابل تلافي نقصان صبر ۽ حوصلي سان برداشت ڪرڻ جي لاءِ دعا ڪئي. صدر آصف علي …

اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري راولپنڊي ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد شهيد جي رهائشگاهه تي وڃي سوڳوار خاندان سان تعزيت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر شهيد جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي شهيد جي درجن جي بلنديءَ ۽ پونئيرن کي اهو ناقابل تلافي نقصان صبر ۽ حوصلي سان برداشت ڪرڻ جي لاءِ دعا ڪئي. صدر آصف علي زرداري ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد شهيد کي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هن ڀارت جي حمايت يافته خوارج دهشتگردن سان وڙهندي فرض شناسي ۾ مثالي جرئت ۽ قيادت جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته پوري پاڪستاني قوم ڀارت نواز فتنه الخوارج دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ متحد آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته قوم کي پنهنجي بهادر فرزندن تي بي پناهه فخر آهي جن ملڪ جي دفاع ۽ سلامتي جي لاءِ بي پناهه قربانيون ڏنيون، قوم پنهنجي بهادر فرزندن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جي شهيدن جي قربانين کي ملڪي تاريخ ۾ سدائين ياد رکيو ويندو، ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ شهيدن جون قربانيون سنهري لفظن ۾ لکيون وينديون. صدر دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جي قوم جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. وفاقي گهرو وزير سيد محسن نقوي پڻ صدر سان گڏ هو.

مزید خبریں