اسحاق ڊار سان ڪينسنگٽن جي لارڊ عامر سرفراز ۽ برطانيا جي اڳوڻي چيف آف دي جنرل اسٽاف جنرل سر پيٽرڪ سينڊرز جي ملاقات

اسلام آباد - 16 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ڪينسنگٽن جي لارڊ عامر سرفراز ۽ برطانيا جي اڳوڻي چيف آف دي جنرل اسٽاف جنرل سر پيٽرڪ سينڊرز ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن پاڪستان ۽ برطانيا جي مضبوط ۽ پائيدار حصيداري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، پارلياماني ۽ عوام سان عوام جي مٽاسٽا ۽ سيڪيورٽي سميت مختلف …

اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ڪينسنگٽن جي لارڊ عامر سرفراز ۽ برطانيا جي اڳوڻي چيف آف دي جنرل اسٽاف جنرل سر پيٽرڪ سينڊرز ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن پاڪستان ۽ برطانيا جي مضبوط ۽ پائيدار حصيداري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، پارلياماني ۽ عوام سان عوام جي مٽاسٽا ۽ سيڪيورٽي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار لارڊ عامر سرفراز ۽ جنرل سر پيٽرڪ سينڊرز کي پاڪستان برطانيا ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۾ سندن اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو.

مزید خبریں