سيڪيورٽي فورسز پاران خيبرپختونخوا صوبي ۾ ڳجهي اطلاع تي ٻڌل ڪارروايون

راولپنڊي-16 آڪٽوبر (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز جي خيبرپختونخوا صوبي ۾ ڳجهي اطلاع تي ٻڌل مختلف ڪاررواين ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 34 خوارجي مارجي ويا آهن. پاڪ فوج  جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مان جاري بيان موجب 13 ۽ 15 آڪٽوبر دوران خيبرپختونخوا صوبي ۾ ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 34 خوارجي ماريا ويا. خوارجين …

راولپنڊي-16 آڪٽوبر (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز جي خيبرپختونخوا صوبي ۾ ڳجهي اطلاع تي ٻڌل مختلف ڪاررواين ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 34 خوارجي مارجي ويا آهن. پاڪ فوج  جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مان جاري بيان موجب 13 ۽ 15 آڪٽوبر دوران خيبرپختونخوا صوبي ۾ ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 34 خوارجي ماريا ويا. خوارجين جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ضلعي جي علائقي اسپن وام ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو، آپريشن دوران خوارجين جي ٺڪاڻن جو موثر طريقي سان گهيراءُ ڪيو ويو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ 18 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. هڪ ٻيو انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڏکڻ وزيرستان ۾ ڪيو ويو ۽ ان جي نتيجي ۾ 8 خوارجين کي ماريو ويو. بنون ضلعي ۾ ٽئين معرڪي ۾ سيڪيورٽي فورسز وڌيڪ 8 خوارجين کي ماري ڇڏيو. علائقي ۾ ڪنهن به ٻي هندستاني حمايت يافته خارجين کي ختم ڪرڻ لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشنز ڪيا پيا وڃن، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان وفاقي اپيڪس ڪميٽي طرفان منظور ٿيل نيشنل ايڪشن پلان ۽ ويزن ”عزم استحڪام“ تحت دهشتگردي جي خاتمي واري مهم جاري آهي ۽ ملڪي ۽ پرڏيهي حمايت سان ٿيندڙ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پوري شدت سان جاري رهندي.

مزید خبریں