اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان جا سعودي عرب سان تاريخي ۽ مضبوط لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي عوام جون دليون هڪٻئي سان گڏ ڌڙڪن ٿيون. اهڙو اظهار هن مصر جي گادي واري شهر قاهره ۾ سعودي هم منصب فهد بن عبدالرحمان الجلاجل سان ملاقات دوران ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ سعودي عرب جي سيڙپڪاري …
صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي سعودي هم منصب سان قاهره ۾ ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان جا سعودي عرب سان تاريخي ۽ مضبوط لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي عوام جون دليون هڪٻئي سان گڏ ڌڙڪن ٿيون. اهڙو اظهار هن مصر جي گادي واري شهر قاهره ۾ سعودي هم منصب فهد بن عبدالرحمان الجلاجل سان ملاقات دوران ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ سعودي عرب جي سيڙپڪاري جي وسيع امڪانن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ فارماسيوٽيڪل شعبي ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. سعودي عرب جي صحت واري وزير، وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جي صحت جي شعبي ۾ جاري خدمتن کي ساراهيو. مصطفيٰ ڪمال چيو ته صحت جو شعبو اسان جي اولين ترجيح آهي، ان شعبي ۾ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا.











