جمهوري عمل کي جاري رکڻ لاءِ سياسي اڳواڻن کي تعاون ۽ تدبر جو مظاهرو ڪرڻو پوندو: فيصل ڪريم ڪنڊي

پشاور-16 آڪٽوبر (اي پي پي)خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي موجوده سياسي حالتن جي ڏس ۾ وڏي وزير سهيل آفريدي کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪندي واضح ڪيو آهي ته هو صوبي ۾ گورنر راڄ نٿو چاهي ۽ نه ئي ايمرجنسي، جهموري عمل کي جاري رکڻ لاءِ سياسي اڳواڻن کي تعاون ۽ تدبر جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر چيو ته خيبرپختونخوا ۾ امن امان جي صورتحال …

پشاور-16 آڪٽوبر (اي پي پي)خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي موجوده سياسي حالتن جي ڏس ۾ وڏي وزير سهيل آفريدي کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪندي واضح ڪيو آهي ته هو صوبي ۾ گورنر راڄ نٿو چاهي ۽ نه ئي ايمرجنسي، جهموري عمل کي جاري رکڻ لاءِ سياسي اڳواڻن کي تعاون ۽ تدبر جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر چيو ته خيبرپختونخوا ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز اڻٽر ٿي چڪا آهن، جيڪي هر صورت ۾ جاري رهندا. هن چيو ته جيڪي ڌريون آئين ۽ قانون کي نٿيون مڃين انهن خلاف ڪارروائي لازمي آهي، اهو ممڪن ناهي ته حالتون به خراب هجن ۽ آپريشن به نه ڪيو وڃي. وڏي وزير سهيل آفريدي جي حلف برداري جي موقعي تي ڪيل تقرير تي تبصرو ڪندي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اها هڪ جذباتي تقرير هئي جيڪا رڳو پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي. هن چيو ته سهيل آفريدي نوجوان آهي، ان عمر ۾ جذبا هاوي ٿي ويندا آهن، پر هاڻي کيس ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. گورنر زور ڀريو ته هو ڪنهن به طور تي گورنر راڄ يا ايمرجنسي نٿو چاهي، پر چاهيون ٿا ته وفاق ۽ صوبن وچ ۾ رابطا بهتر هجن. هن واضح ڪيو ته ماضي ۾ وفاق سان مسلسل ٽڪراءُ صوبي کي نقصان پهچايو آهي. گورنر چيو ته اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور هميشه وفاق سان محاذ آرائي جي پاليسي تي عمل ڪيو، هن چيو ته عهدو ڇڏيندڙ وڏو وزير پاڻ موجوده ٿي نئين قيادت کي وزارت اعليٰ منتقل ڪندو آهي، علي امين کي حلف برداري واري تقريب ۾ هجڻ گهربو هو. هن وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومت کي وفاق سان ويڙهه بدران اين ايف سي ايوارڊ ۽ مالي رهتن تي ڳالهائڻ گهرجي ته جيئن عوام جا حقيقي مسئلا حل ٿي سگهن. گورنر خبردار ڪيو ته خيبرپختونخوا جي عوام وڌيڪ لانگ مارچز يا اسلام آباد ڏانهن ڪاهه جي سٽ نٿو سهي سگهي. گورنر چيو ته احتجاج ۽ ڌرڻن کان آزادي ممڪن ناهي، آزادي لاءِ عدالتن سان رجوع ڪرڻو پوندو. رستن تي نڪرڻ سان رڳو افراتفري پکڙجندي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ گورنر چيو ته موجوده سياسي منظرنامي ۾ ڪجهه به ناممڪن ناهي. هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ محمود خان اچڪزئي کي پنهنجو مخالف ڌر اڳواڻ بڻائي سگهي ٿي ته پوءِ اڳتي ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.

مزید خبریں