اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) گلگت بلتستان، ڪشمير معاملن ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته وفاقي حڪومت ۽ وزيراعظم جي پهرين ترجيح ڪشميري عوام جي ڀلائي، جٽادار ترقي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو قيام آهي. ڪالهه جاري بيان موجب وفاقي وزير جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي امن و امان جي صورتحال ۽ ترقياتي رٿائن جي حوالي …
وفاقي حڪومت ۽ وزيراعظم جي پهرين ترجيح ڪشميري عوام جي ڀلائي، جٽادار ترقي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو قيام آهي: انجنيئر امير مقام

مزید خبریں
اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) گلگت بلتستان، ڪشمير معاملن ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته وفاقي حڪومت ۽ وزيراعظم جي پهرين ترجيح ڪشميري عوام جي ڀلائي، جٽادار ترقي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو قيام آهي. ڪالهه جاري بيان موجب وفاقي وزير جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي امن و امان جي صورتحال ۽ ترقياتي رٿائن جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ آزاد ڄمون ڪشمير جي چيف سيڪريٽري خوشحال خان آزاد ڄمون ڪشمير ۾ موجوده امن امان جي صورتحال ۽ جاري ترقياتي رٿائن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڪشمير معاملن جو سيڪريٽري ظفر حسن ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري ڪامران رحمان پڻ موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت آزاد ڄمون ڪشمير ۾ ترقياتي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ امن ۽ امان برقرار رکڻ لاءِ سمورا دستياب وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي.











