ڪامن ويلٿ اسڪالرشپس درخواستن جي آخري تاريخ ۾ واڌ

اسلام آباد- 16 آڪٽوبر (اي پي پي) هائر ايجوڪيشن ڪميشن (ايچ اي سي) ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ پروگرام 2026-2025ع لاءِ درخواستون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. نئين تاريخ مطابق اميدوار هاڻي 21 آڪٽوبر 2025ع تائين آن لائن درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا. اهي اسڪالرشپس ماسٽرز ۽ پي ايچ ڊي جي سطح تي پرڏيهه (برطانيه) ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهشمند پاڪستاني ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي …

اسلام آباد- 16 آڪٽوبر (اي پي پي) هائر ايجوڪيشن ڪميشن (ايچ اي سي) ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ پروگرام 2026-2025ع لاءِ درخواستون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. نئين تاريخ مطابق اميدوار هاڻي 21 آڪٽوبر 2025ع تائين آن لائن درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا. اهي اسڪالرشپس ماسٽرز ۽ پي ايچ ڊي جي سطح تي پرڏيهه (برطانيه) ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهشمند پاڪستاني ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي شهرين لاءِ آهن. پروگرام جو انتظام ايچ اي سي پاڪستان ۽ ڪامن ويلٿ اسڪالر شپ ڪميشن، يو ڪي جي گڏيل سهڪار سان ڪيو پيو وڃي.

مزید خبریں