سوات موٽر وي ٽنل ويجهو ٽريفڪ جو خوفناڪ حادثو، هڪ ئي خاندان جا 15 ماڻهو فوت، 8 زخمي

پشاور-16 آڪٽوبر(اي پي پي) سوات موٽر وي جي ٽنل نمبر 3 ويجهو پيش آيل هڪ افسوسناڪ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 15 ماڻهو فوت ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. فوتين ۽ زخمين ۾ مرد، عورتون ۽ ٻار شامل آهن. ريسڪيو 1122 مالاڪنڊ جي ترجمان موجب حادثي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو 1122 مالاڪنڊ جي ميڊيڪل ريپسانس ٽيم ايمبولينس سان فوري طور تي حادثي واري هنڌ پهتي، حادثي واري …

پشاور-16 آڪٽوبر(اي پي پي) سوات موٽر وي جي ٽنل نمبر 3 ويجهو پيش آيل هڪ افسوسناڪ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 15 ماڻهو فوت ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. فوتين ۽ زخمين ۾ مرد، عورتون ۽ ٻار شامل آهن. ريسڪيو 1122 مالاڪنڊ جي ترجمان موجب حادثي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو 1122 مالاڪنڊ جي ميڊيڪل ريپسانس ٽيم ايمبولينس سان فوري طور تي حادثي واري هنڌ پهتي، حادثي واري هنڌ تي موٽر وي پوليس ۽ عملو به موجود هو، جن امدادي سرگرمين ۾ حصو ورتو، گڏيل ڪارروائي دوران موٽر وي پوليس ۽ عملي ڪجهه زخمين ۽ لاشن کي پنهنجي گاڏين ذريعي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال بٽخيله منتقل ڪيو، جڏهن ته ريسڪيو 1122 جي ٽيمن باقي متاثر ماڻهن کي به ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو. اسپتال پهچڻ تي ڊاڪٽرن 15 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي جڏهن ته 8 زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي. جن مان چئن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن کي سوات ريفر ڪيو ويو آهي.حادثي جو شڪار ٿيل لاڏائو قبيلي جا ماڻهو هئا جيڪي مختلف علائقن ۾ موسمي طور تي لڏپلاڻ ڪندا رهندا هئا.

مزید خبریں