سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت ۾ شاگردن جي حاضري مانيٽرنگ ۽ ريڊريس سسٽم جي افتتاحي تقريب جي حوالي سان اجلاس

ڪراچي- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ شاگردن جي حاضري مانيٽرنگ ۽ ريڊريس سسٽم (ايس اَي ايم آر ايس) جي افتتاحي تقريب جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وڏي وزير تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته هو شاگردن جي حاضري جي نگراني، اسڪول ڇڏڻ جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ غيرحاضري جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو ڀرپور استعمال …

ڪراچي- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ شاگردن جي حاضري مانيٽرنگ ۽ ريڊريس سسٽم (ايس اَي ايم آر ايس) جي افتتاحي تقريب جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وڏي وزير تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته هو شاگردن جي حاضري جي نگراني، اسڪول ڇڏڻ جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ غيرحاضري جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو ڀرپور استعمال ڪري. وڏي وزير لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڏني ته نئون نظام فقط غيرحاضر شاگردن جي نشاندهي تائين محدود نه رهندو، پر ان کي تدريسي ماحول ۾ درپيش مسئلن جي نشاندهي ڪري ۽ وقت سر قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. اها رٿا سنڌ حڪومت، عالمي بينڪ ۽ گلوبل پارٽنر شپ فار ايجوڪيشن جي شراڪت سان عمل ۾ آندي پئي وڃي ته جئين تعليم جي شعبي کي جديد ٽيڪنالاجي سان مضبوط بڻائي سگهجي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه ٻڌايو ته ايس اي ايم آر ايس هڪ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل نظام آهي جنهن جو مقصد شاگردن جي اسڪول ڇڏڻ جي شرح کي گهٽائڻ آهي. اهو نظام فقط غير حاضري جا مسئلا ئي نه پر تعليمي ماحول، استادن جي ڪارڪردگي ۽ شاگردن جي تعليمي نتيجن جهڙن اهم پهلوئن جي به نشاندهي ڪندو. هن ٻڌايو ته اهو نظام هڪ آف لائين موبائيل ايپليڪيشن ۽ ڊيش بورڊ وسيلي روزانو جي بنياد تي اسڪولن ۾ حاضري ۽ ٻئي اهم معلومات جمع ڪندو آهي. شروعات ۾ اهو نظام 12 ضلعن جي 6 سئو اسڪولن ۾ لاڳو ڪيو ويندو، جنهن کي مرحليوار صوبي جي سڀني اسڪولن تائين وڌايو ويندو. هن چيو ته ان نظام کي صوبائي سطح تي جاري ڪرڻ جي تقريب جلد منعقد ڪئي ويندي.

مزید خبریں