ٿرپارڪر ۾ ٻن زندگين ڦاهو کاهي ڇڏيو

ٿرپارڪر- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) ٿرپارڪر ۾ هڪ ئي ڏينهن آپگهات جي ٻن واقعن ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. ننگرپارڪر جي ڳوٺ ڪاسٻو ۾ 70 ورهين جي مگهو ميگهواڙ وڻ ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪيو. ٻيو واقعو اسلام ڪوٽ شهر ۾ ٿيو جتي 75 ورهين جي شخص مراد علي بجير گهر اندر ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو. پوليس ٻئي لاش قانوني ڪارروائي لاءِ تعلقه اسپتال ننگرپارڪر ۽ اسلام …

ٿرپارڪر- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) ٿرپارڪر ۾ هڪ ئي ڏينهن آپگهات جي ٻن واقعن ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. ننگرپارڪر جي ڳوٺ ڪاسٻو ۾ 70 ورهين جي مگهو ميگهواڙ وڻ ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪيو. ٻيو واقعو اسلام ڪوٽ شهر ۾ ٿيو جتي 75 ورهين جي شخص مراد علي بجير گهر اندر ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو. پوليس ٻئي لاش قانوني ڪارروائي لاءِ تعلقه اسپتال ننگرپارڪر ۽ اسلام ڪوٽ منتقل ڪري ڇڏيا، جتي قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پوليس لاش وارثن جي حوالي ڪري ڇڏيا. 

مزید خبریں