ڪراچي شهر جي سڀني مسئلن کي هنگامي بنيادن تي حل ڪري رهيا آهيو ۽ عوامي مفاد جي سڀني منصوبن کي جلد مڪمل ڪري شهر جي رونق ۾ وڌيڪ اضافو ڪنداسين: سيد ناصر حسين شاهه

ڪراچي -10 آڪٽوبر (اي پي پي)  مڪاني ادارن واري صوبائي وزير  سيد ناصر حسين شاهه  چيو آهي ته  ڪراچي شهر جي سڀني مسئلن کي هنگامي بنيادن تي حل ڪري رهيا آهيو ۽ عوامي مفاد جي سڀني منصوبن کي جلد مڪمل ڪري شهر جي رونق ۾ وڌيڪ اضافو ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ چونڊيل ٽائون چيئرمينن ۽ يو سي چيئرمين جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد سيد …

ڪراچي -10 آڪٽوبر (اي پي پي)  مڪاني ادارن واري صوبائي وزير  سيد ناصر حسين شاهه  چيو آهي ته  ڪراچي شهر جي سڀني مسئلن کي هنگامي بنيادن تي حل ڪري رهيا آهيو ۽ عوامي مفاد جي سڀني منصوبن کي جلد مڪمل ڪري شهر جي رونق ۾ وڌيڪ اضافو ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ چونڊيل ٽائون چيئرمينن ۽ يو سي چيئرمين جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد سيد ناصر حسين شاهه کي انهن پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪيو. وفد چيو ته ترقياتي ڪمن لاءِ فنڊ فراهم نٿا ڪيا وڃن جنهن جي ڪري عوامي ڀلائي جي ڪمن ۾ مسئلا درپيش آهن ۽ ڪم رڪجي ويو آهي. اينٽي ڪرپشن کاتي پاران انهن کي مسلسل تنگ ڪيو پيو وڃي، جنهن جي ڪري ڪم ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه وفد کي يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت چونڊيل نمائندن جي مڪمل مدد ڪندي ۽ انهن جا مسئلا فوري طور تي حل ڪيا ويندا ته جيئن عوامي مفاد جي ڪم ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪري سگهجي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جون خاص هدايتون آهن ته شهرين کي درپيش مسئلن کي هنگامي بنيادن تي حل ڪيو وڃي ۽ ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت بنا ڪنهن فرق جي خدمت ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. شهر کي امن جو گهوارو بڻائڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪوششن جو نتيجو آهي. وفد مڪاني ادارن واري وزير کي گلن جو تحفو پيش ڪيو ۽ کيس روايتي اجرڪ پارايو ويو. ان موقعي تي وڏي وزير جو صلاحڪار سيد نجمي عالم پڻ موجود هو.

مزید خبریں