وينزويلا  پاران آمريڪا جي ڌمڪين تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس طلب ڪرڻ جي درخواست

 ڪراڪس _10 آڪٽوبر (اي پي پي) وينزويلا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي هنگامي اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق وينزويلا جي حڪومت جو چوڻ آهي ته آمريڪا جون وڌندڙ ”ڌمڪيون“ علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ خطرو بڻجي رهيون آهن، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن آمريڪا منشيات جي اسمگلنگ خلاف ڪارروائي تحت جنگي سامونڊي جهاز ڪيريبين ۾ مقرر ڪري ڇڏيا آهن. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن …

 ڪراڪس _10 آڪٽوبر (اي پي پي) وينزويلا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي هنگامي اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق وينزويلا جي حڪومت جو چوڻ آهي ته آمريڪا جون وڌندڙ ”ڌمڪيون“ علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ خطرو بڻجي رهيون آهن، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن آمريڪا منشيات جي اسمگلنگ خلاف ڪارروائي تحت جنگي سامونڊي جهاز ڪيريبين ۾ مقرر ڪري ڇڏيا آهن. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ سفارتي ذريعن پرڏيهي ميڊيا کي ٻڌايو ته سلامتي ڪائونسل جو اهو اجلاس جمعي تي شام 3 وڳي منعقد ٿيندو. وينزويلا سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو آمريڪا جي امڪاني جارحيت خلاف بحث ڪري ۽ سفارشات جاري ڪري ته جيئن ”جارحيت جي ڪنهن به منصوبي“ کي روڪي سگهجي. وينزويلا جي ان درخواست کي روس ۽ چين جي حمايت به حاصل آهي، جيڪي پاڻ به سلامتي ڪائونسل جا مستقل رڪن ۽ ويٽو پاور رکندڙ ملڪ آهن.