سنڌ جي گورنر، شهزاده منصور بن محمد آل سعود ۽ سندس وفد کي نيڪ خواهشن سان الوداع ڪيو

ڪراچي-10 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري شهزاده منصور بن محمد آل سعود ۽ ساڻس گڏ سعودي وفد کي ڪراچي جي هوائي اڏي تي نيڪ خواهشن سان الوداع ڪيو. گورنر هائوس جي جاري ڪيل پريس رليز موجب ان موقعي تي سنڌ جي گورنر چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا اخوت، ڀائپي ۽ گڏيل اعتماد تي قائم آهن، جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مستحڪم ۽ …

ڪراچي-10 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري شهزاده منصور بن محمد آل سعود ۽ ساڻس گڏ سعودي وفد کي ڪراچي جي هوائي اڏي تي نيڪ خواهشن سان الوداع ڪيو. گورنر هائوس جي جاري ڪيل پريس رليز موجب ان موقعي تي سنڌ جي گورنر چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا اخوت، ڀائپي ۽ گڏيل اعتماد تي قائم آهن، جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مستحڪم ۽ مضبوط ٿي رهيا آهن. شهزاده منصور بن محمد آل سعود گورنر جي مانائتي ميزباني، خلوص ۽ گرمجوشي تي دلي ٿورا مڃيا. گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو ته ٻنهي برادر ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي نين بلندين تائين وٺي وڃڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رهنديون.

مزید خبریں