خوشحال سنڌ بابت منهنجو ويزن بلڪل واضح آهي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي-09 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته منهنجو ويزن بلڪل واضح آهي، اهڙي خوشحال سنڌ، جتي هر باصلاحيت عورت ۽ مرد کي مالي وسيلن تائين برابريءَ سان رسائي حاصل هجي، هو پنهنجو ڪاروبار قائم ڪن، خودمختيار بڻجن ۽ گڏجي صوبي جي ترقي ۽ گڏيل خوشحالي ۾ حصو وٺن. مقامي هوٽل ۾ پاڪستان مائڪروفائنانس نيٽ ورڪ جي انتظام هيٺ منعقد ٿيل نائين …

ڪراچي-09 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته منهنجو ويزن بلڪل واضح آهي، اهڙي خوشحال سنڌ، جتي هر باصلاحيت عورت ۽ مرد کي مالي وسيلن تائين برابريءَ سان رسائي حاصل هجي، هو پنهنجو ڪاروبار قائم ڪن، خودمختيار بڻجن ۽ گڏجي صوبي جي ترقي ۽ گڏيل خوشحالي ۾ حصو وٺن. مقامي هوٽل ۾ پاڪستان مائڪروفائنانس نيٽ ورڪ جي انتظام هيٺ منعقد ٿيل نائين سالياني مائڪروفائنانس ڪانفرنس 2025ع جي پڄاڻي واري سيشن ۾ خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ پاڪستان جو پهريون صوبو هو جنهن غربت ۾ گهٽتائي لاءِ جامع حڪمتِ عملي اختيار ڪئي جنهن جو مرڪزي جزو مالي شموليت آهي. هن چيو ته پيپلز پاورٽي ريڊڪشن پروگرام ۽ ڪامياب پروگرام ذريعي هاڻي  ٻن ضلعن مان وڌي 24 ضلعن تائين عملدرآمد وڌايو ويو آهي جنهن ۾ لکين ٻھراڙي وارن خاندان ڪميونٽي تنظيمن جو حصو بڻيا آهن. 170 هزار کان وڌيڪ عورتن کي ڪميونٽي قرضن ذريعي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ جا موقعا مليا آهن جنهن ٻھراڙي سنڌ جي معيشيت جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو آهي. مراد علي شاهه چيو ته حڪومت جو طريقو رڳو مائڪرو ڪريڊٽ تائين محدود ناهي رهيو پر هاڻي اسڪِل ٽريننگ، سماج کي متحرڪ ڪرڻ، موسمياتي لحاظ سان محفوظ گهر، پاڻي ۽ بنيادي ڍانچو، ٻھراڙي ۾ روڊن جو ڄار ۽ مقامي دستڪارن لاءِ مارڪيٽ تائين پهچ جهڙن شعبن ۾ به وڏو ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هاڻي سنڌ جي ترقياتي حڪمتِ عملي ۾ موسمياتي مزاحمت کي بنيادي حصو بڻايو ويو آهي. سنڌ حڪومت، ٻوڏن ۽ شديد موسمي تبديلين کان بحاليءَ جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي، فلوڊ رِڪوري، ڊيزاسٽر تياري، ۽ موسمياتي تبديلي کان محفوظ گهرن کي پنهنجي ترقياتي ماڊل جو حصو بڻايو آهي جيئن ماڻهو صرف زنده نه رهن پر اڳتي وڌن. وڏي وزير چيو ته سنڌ جي ڪاميابين ۾ عالمي ڀائيوارن جو اهم ڪردار رهيو آهي. يورپي يونين پاران  ڪامياب  ۽ پائيدار پروگرامن ۾ مالي سهڪار فراهم ڪيو ويو جڏهن ته  يونيڊو  فنانس ۽ انٽرپرائز سپورٽ ۾ ٽيڪنيڪل ساٿي طور ڪم ڪيو. پاڪستان مائڪروفائنانس نيٽ ورڪ، مائڪروفائنانس بئنڪون ۽ فن ٽيڪ ڪمپنيون به هن عمل ۾ شامل رهيون آهن جن پاليسي سڌارن، نينو لون ۽ موبائل والٽس جهڙيون سهولتون مهيا ڪيون. سيد مراد علي شاهه چيو ته عورتون هن تبديلي جي مرڪز ۾ آهن ڇوته قرض حاصل ڪندڙن ۾ لڳ ڀڳ اڌ عورتون آهن. هن  اي بي ڊي  جي وومين انڪلوسو فنانس فيڪلٽي  جي به ساراهه ڪئي جنهن عورتن لاءِ مالي وسيلن تائين پهچ ۾ واڌارو آندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت هڪ نئون انڪليوسو فنانس روڊ ميپ تيار ڪيو آهي جنهن تحت يورپي يونين ۽ يونيڊو پائيدار سان گڏجي بلينڊڊ فنانس گارنٽي فسيلٽي قائم ڪئي پئي وڃي جيڪا عورتن، نوجوانن، اقليتن ۽ ننڍن ڪاروبارن لاءِ سستو قرض مهيا ڪندي. ان کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ صوبائي فنڊنگ ۽ تجارتي بئنڪن سان لاڳاپا وڌايا پيا وڃن. وڏي وزير چيو ته ڊجيٽل تبديلي به هن حڪمتِ عملي جو اهم حصو آهي. سندھ حڪومت موبائل بئنڪنگ، ڊجيٽل والٽس ۽ فن ٽيڪ ڀائيوارين کي فروغ ڏيڻ تي ڪم ڪري رهي آهي. ٻھراڙي وارن علائقن ۾ انٽرنيٽ سهولتون، ڊجيٽل ڄاڻ ۽ مالي تعليم کي وڌائڻ تي به خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي ته جيئن پٺتي پيل علائقا به شامل ٿي سگهن. هن چيو ته بين زمين ھارين، نوجوانن ۽ اقليتن لاءِ مخصوص مالي سهولتون تيار ڪيون پيون وڃن جن ۾ گروپ گارنٽي، ويليو چين فنانسنگ ۽ اسلامي مائڪروفائنانس شامل آهن ۽ گهٽ پڙهيل ماڻهن لاءِ سادي تصديق جو عمل اختيار ڪيو پيو وڃي. نئين ماڊل ۾ ڪلائميٽ سمارٽ اپروچز پڻ شامل آهن جيئن فصل ۽ مال جي انشورنس، هنگامي قرض، بچت جون سهولتون، شمسي توانائي تي ٻڌل آبپاشي ۽ ٻوڏ کان محفوظ گهرن لاءِ گرين فنانسنگ. اهي سڀ پائيدار اسٽڊي جي نتيجن مطابق ترتيب ڏنا ويا آهن جيئن مالي شموليت کي موسمياتي موافقت سان ڳنڍي سگهجي. ڪانفرنس جي پڄاڻي تي ماهرن بينڪن، مائڪروفائنانس ادارن، ڊونرز، فن ٽيڪ ڪمپنين ۽ ريگيوليٽرز کي اپيل ڪئي ته هو  ‘سنڌز فنانشل لينڊاسڪيپ ” اسٽڊي جي نتيجن کي پاليسي سازي ۽ نون مالي حالن ۾ استعمال ڪن. سيد مراد علي شاهه چيو سنڌ حڪومت تيار آهي ته انهن ماڊلز کي سڄي صوبي ۾ آزمائي، وڌائي ۽ لاڳو ڪري. اسان جو ارادو پڪو آهي، اهڙي سنڌ جتي هر عورت ۽ مرد کي مالي سهولت ملي، روزگار جو موقعو پيدا ٿئي ۽ گڏيل خوشحاليءَ ۾ حصو ملي. تقريب جي پڄاڻي سنڌ کي وڌيڪ مضبوط، شامل ۽ موقعي سان ڀرپور بڻائڻ جي نئين عزم سان ٿي۔ هن موقعي تي پاڪستان مائڪروفائنانس نيٽ ورڪ جي سي اي او سيد محسن احمد ۽ ٻين ماهرن پڻ خطاب ڪيو.

مزید خبریں