لاڙڪاڻي ۾ ٽپال جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي شهر جي جنرل پوسٽ آفيس ۾ تقريب منعقد

لاڙڪاڻو-09 آڪٽوبر (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ ٽپال جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي شهر جي جنرل پوسٽ آفيس جي پي او ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ٽپال کاتي جي سينئر ملازم ذوالفقار مگسي طرفان گڏ ڪيل يادگاري ٽڪلين ۽ لفافن جي نمائش ڪئي وئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي جي پي او جي سينئر پوسٽ ماسٽر ثناءِ الله سوهو، نوشاد پتافي ۽ ٻين چيو ته …

لاڙڪاڻو-09 آڪٽوبر (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ ٽپال جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي شهر جي جنرل پوسٽ آفيس جي پي او ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ٽپال کاتي جي سينئر ملازم ذوالفقار مگسي طرفان گڏ ڪيل يادگاري ٽڪلين ۽ لفافن جي نمائش ڪئي وئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي جي پي او جي سينئر پوسٽ ماسٽر ثناءِ الله سوهو، نوشاد پتافي ۽ ٻين چيو ته ملڪ اندر 8 لکن کان مٿي خط پوسٽ ٿيندا آهن، جڏهن ته 12340 پوسٽ آفيسون 6 جي پيز اوز ۾ 74000 کان وڌيڪ پوسٽ آفيسن جا ملازم عوامي خدمتن ۾ مصروف آهن، يونيورس پوسٽل يونين پاران هر سال 9 آڪٽوبر تي ٽپال جي عالمي ڏهاڙي تي سڄي دنيا اندر تقريبون منعقد ڪيون وينديون آهن. هنن چيو ته ورلڊ پوسٽ ڊي جي موقعي تي عام ماڻهن تائين ٽپال کاتي جي آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻو جي پي او ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پوسٽ آفيس جي سينئر ملازم ذوالفقار مگسي پراڻيون يادگار ٽڪلين ۽ لفافن جي نمائش پڻ ڪئي وئي آهي. هوڏانهن تقريب ۾ عام شهرين سميت ٽپال کاتي جي ملازم محمد طاهر ۽ ٻين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں