ڪراچي-09 آڪٽوبر (اي پي پي) برطانيا جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لانس ڊوم ڪراچي ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات ڪئي. سينئر وزير جي ترجمان موجب سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ برطانيا جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لانس ڊوم سان پنهنجي ڳالهين دوران، صوبي جي توانائي پاليسي، جاري رٿائن ۽ بين الاقوامي شراڪتداري تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي. برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لانس …
برطانيا جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي-09 آڪٽوبر (اي پي پي) برطانيا جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لانس ڊوم ڪراچي ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات ڪئي. سينئر وزير جي ترجمان موجب سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ برطانيا جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لانس ڊوم سان پنهنجي ڳالهين دوران، صوبي جي توانائي پاليسي، جاري رٿائن ۽ بين الاقوامي شراڪتداري تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي. برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لانس ڊوم سان ڳالهائيندي، سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت مختلف توانائي منصوبن تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي جن ۾ ٿر ڪول پاور پلانٽس، سولر ۽ ونڊ هائبرڊ انرجي پروجيڪٽس ۽ هوم سولرائيزيشن پروگرام شامل آهن. هن چيو ته عالمي بئنڪ جي سهڪار سان جلد ئي شمسي ۽ ونڊ هائبرڊ پاور پلانٽس جا نوان منصوبا شروع ڪيا ويندا. پاڪستان برطانيا سان توانائي وارين رٿائن ۾ سھڪار وڌائڻ جو خواهشمند آهي ته جيئن توانائي ۽ تجديد جوڳي توانائي جا وڌيڪ منصوبا شروع ڪري سگهجن.سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي ۽ سنڌ حڪومت مقامي وسيلن جي اثرائتي استعمال ۽ صاف توانائي کي ھٿي ڏيڻ ذريعي صوبي کي توانائي جي لحاظ کان پاڻڀرو بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.هن برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي ٻوڏ متاثرن لاءِ دنيا جي سڀ کان وڏي هائوسنگ منصوبي بابت پڻ آگاهه ڪيو ۽ چيو ته سنڌ ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو هائوسنگ منصوبو جاري آهي جنهن تحت ٻوڏ متاثرين لاءِ 2.1 ملين گهر تعمير ڪيا پيا وڃن.برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لانس ڊوم سنڌ حڪومت جي ڪوششن ۽ ترقياتي رٿائن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته صوبي ۾ عوامي ڀلائي لاءِ ڪيل ڪم ساراهه جوڳو آهي.ملاقات جي موقعي تي برطانوي هاءِ ڪميشن جي سينئر سياسي صلاحڪار هديٰ اڪرام پڻ موجود هئي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ معزز مهمانن کي سنڌي لنگيءَ جا تحفا پڻ پيش ڪيا.











