حيدرآباد-09 آڪٽوبر(اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو آھي تہ دهشتگردي جو مقابلو تعليم سان ئي ممڪن آهي، نوجوانن کي ٽيڪنالاجيءَ جي درست استعمال ڏانهن راغب ڪرڻ جي ضرورت آهي. اھي ڳالھيون ھن سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ڊاڪٽر اي ايم شيخ آڊيٽوريم ۾ “انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي” بابت هڪ اهم سيمينار کي خطاب دوران ڪيون. ھن چيو ته دنيا ۾ دهشتگردي کي تعليم جي هٿيار سان ئي شڪست ڏئي سگھجي …
دهشتگردي جو مقابلو تعليم سان ئي ممڪن آهي، دهشتگردي بندوق يا ڌماڪن جو نالو ناهي پر اها هڪ ذهني بيماري آهي: ڊاڪٽر الطاف علي سيال/ ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر

مزید خبریں
حيدرآباد-09 آڪٽوبر(اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو آھي تہ دهشتگردي جو مقابلو تعليم سان ئي ممڪن آهي، نوجوانن کي ٽيڪنالاجيءَ جي درست استعمال ڏانهن راغب ڪرڻ جي ضرورت آهي. اھي ڳالھيون ھن سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ڊاڪٽر اي ايم شيخ آڊيٽوريم ۾ “انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي” بابت هڪ اهم سيمينار کي خطاب دوران ڪيون. ھن چيو ته دنيا ۾ دهشتگردي کي تعليم جي هٿيار سان ئي شڪست ڏئي سگھجي ٿي، جڏھن تہ تعليم سان ئي امن ۽ ترقيءَ جي نئين راھن جو تعين ڪري سگھجي ٿو، هن چيو ته اڄ جي دور ۾ نوجوانن ۾ سھپ جي سگهه گهٽجندي پئي وڃي، جنهن کي وڌائڻ لاءِ يونيورسٽي ھم نصابي ۽ صحتمند سرگرمين ۾ واڌ آڻي رهي آهي، ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته تعليم ئي واحد ذريعو آهي، جنهن سان انتهاپسندي ۽ ناڪاري سوچ کان بچائي سگهجي ٿو، سنڌ زرعي يونيورسٽي نه رڳو زراعت، ماحوليات ۽ سائنس جو مرڪز آهي، پر اها سماجي شعور، سکيا ۽ اخلاقي قدرن جي واڌاري لاءِ “اسٽوڊنٽس ٽيچر انگيجمينٽ پروگرام” جي پليٽ فارم ذريعي مختلف تعليمي ۽ سماجي پروگرام ترتيب ڏئي رهي آهي، هن وڌيڪ چيو ته موجوده حالتن ۾ موسمي تبديلين ۽ ٻين نون چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ نوجوانن کي ٽيڪنالاجي اپنائڻ سان گڏ ان جي غلط استعمال کان بچڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته ٽيڪنالاجيءَ جي غلط استعمال سان دشمن کي فائدو ٿي سگهي ٿو. وائيس چانسلر شاگردن تي زور ڀريو ته جيڪڏهن انهن کي ڪنهن به دشمن جي سرگرمي بابت ڄاڻ ملي ته اها وقت سر اداري جي انتظاميه سان شيئر ڪن، جيئن ملڪ ۽ قوم جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي. ان موقعي تي زرعي يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر يونيورسٽي ايڊوانسميٽ اينڊ فنانشل اسسٽنس، پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته معاشري ۾ پائيدار امن ۽ ترقي لاءِ نوجوانن جي صلاحيتن کي وڌائڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته دهشتگردي رڳو بندوق يا ڌماڪن جو نالو ناهي، پر اها هڪ ذهني بيماري آهي، جيڪا سماج ۾ نفرت، بي اعتمادي ۽ ويڇو پيدا ڪري ٿي، جنهن جي خاتمي لاءِ گڏيل قدم کڻڻا پوندا، سيمينار ۾ فائونڊيشن اسڪول حيدرآباد جي پرنسپل سدرة المنتھيٰ ڀٽي، ڊاڪٽر بخت علي نوناري ۽ ٻين به خطاب ڪندي نوجوانن ۾ جاڳرتا ۽ سماجي ذميواري وڌائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. سيمينار ۾ شاگردن، استادن، ماهرن ۽ سماجي شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.











