مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو، پاڪستان يونيورسٽيز ڊبيٽنگ چيمپيئن شپ 2025ع ۾ اردو جي مباحثي ۾ پھريون نمبر حاصل ڪري ملڪ جي مڙني يونيورسٽين ۾ برتري حاصل ڪري ورتي

حيدرآباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ڄامشورو، پاڪستان يونيورسٽيز ڊبيٽنگ چيمپيئن شپ 2025ع ۾ اردو جي مباحثي ۾ پھريون نمبر حاصل ڪري ملڪ جي مڙني يونيورسٽين ۾ برتري حاصل ڪري ورتي آهي. مقابلو ھائر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي)، اسلام آباد جي انتظام ھيٺ 8 آڪٽوبر 2025 تي منعقد ٿيو۔ مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ڄامشورو جي باصلاحيت شاگردن جي ٽيم، جن ۾ ثانيه امجد (21-بي ايس انگلش)، غفار درس (21-اليڪٽريڪل انجنيئرنگ) ۽ …

حيدرآباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ڄامشورو، پاڪستان يونيورسٽيز ڊبيٽنگ چيمپيئن شپ 2025ع ۾ اردو جي مباحثي ۾ پھريون نمبر حاصل ڪري ملڪ جي مڙني يونيورسٽين ۾ برتري حاصل ڪري ورتي آهي. مقابلو ھائر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي)، اسلام آباد جي انتظام ھيٺ 8 آڪٽوبر 2025 تي منعقد ٿيو۔ مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ڄامشورو جي باصلاحيت شاگردن جي ٽيم، جن ۾ ثانيه امجد (21-بي ايس انگلش)، غفار درس (21-اليڪٽريڪل انجنيئرنگ) ۽ ذيشان ٽالپر (23-سافٽ ويئر انجنيئرنگ) شامل ھئا، شاگردن جي شاندار گفتار، ذھانت ۽ اعتماد سان ملڪ جي ناميارين يونيورسٽين جي ٽيمن کي شڪست ڏني۔ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحٰه حسين علي، پرو وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيل ڪمار، فئڪلٽيز جي ڊينز، ۽ تدريسي ۽ انتظامي شعبن جي سربراھن شاگردن کي مبارڪون ڏيندي چيو ته مھراڻ يونيورسٽي جي شاگردن محنت، تياري ۽ اعتماد سان يونيورسٽي جو نالو قومي سطح تي روشن ڪيو آھي۔ ھن ٽيم مھراڻ جي فوڪل پرسنز انجنيئر فيض احمد ابڙو ۽ آرڪيٽيڪٽ ارم آريسر جي سرپرستي ۽ رھنمائي ۾ شرڪت ڪئي، جن جي محنت ۽ رھنمائي ھن شاندار ڪاميابي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.