ڪراچي پريس ڪلب جي رهائشي منصوبي لاءِ ٽينڊر جاري ڪيا ويا آهن، سمورا ترقياتي ڪم پريس ڪلب جي نگراني ۾ مڪمل ڪيا ويندا: صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه

ڪراچي-08 آڪٽوبر (اي پي پي) بلديات کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پريس ڪلب جي رهائشي منصوبي لاءِ ٽينڊر جاري ڪيا ويا آهن ۽ سمورا ترقياتي ڪم پريس ڪلب جي نگراني ۾ مڪمل ڪيا ويندا. ايم ڊي اي ۾ 80-20 فارمولي جي به منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته نون ميمبرن لاءِ پلاٽن جي قرعه اندازي به هن مهيني ڪئي ويندي. ناصر حسين شاهه چيو …

ڪراچي-08 آڪٽوبر (اي پي پي) بلديات کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پريس ڪلب جي رهائشي منصوبي لاءِ ٽينڊر جاري ڪيا ويا آهن ۽ سمورا ترقياتي ڪم پريس ڪلب جي نگراني ۾ مڪمل ڪيا ويندا. ايم ڊي اي ۾ 80-20 فارمولي جي به منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته نون ميمبرن لاءِ پلاٽن جي قرعه اندازي به هن مهيني ڪئي ويندي. ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي صحافين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهي آهي، جڏهن ته وڏو وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه پاڻ به هن معاملي ۾ خاص دلچسپي وٺي رهيو آهي. اھڙو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب جي دوري دوران مجلسِ عامله سان ملاقات ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي، سيڪريٽري سهيل افضل خان، خزانچي عمران ايوب، جوائنٽ سيڪريٽري محمد منصف ۽ گورننگ باڊي جا ميمبر عبدالحفيظ بلوچ، مونا صديقي، قافي احمد، قاضي محمد ياسر، محمد فاروق ۽ حماد حسين صوبائي وزير جو استقبال ڪيو. ملاقات ۾ صحافين جي ڀلائي، رهائشي اسڪيمن ۽ پريس ڪلب جي ترقياتي ضرورتن بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ناصر حسين شاهه چيو ته ڪراچي جي وڏن رستن سان گڏ اندروني رستا به ٺهندا ۽ سعيد غني جا شروع ڪيل ڪم اڳتي وڌايا ويندا. صرف رستا نه پر سيوريج سسٽم کي به بهتر بڻايو ويندو. هن چيو ته هن سال سڀ کان وڌيڪ ترقياتي اسڪيمون مڪمل ٿيون آهن ۽ سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ جي ڪارڪردگي کي بھتر بنائڻ لاءِ ٽاسڪ ٽيم ٺاهي پئي وڃي. هن چيو ته پاڻي ۽ بلڊنگ ڪنٽرول جا مسئلا به حل ڪيا پيا وڃن. خطرناڪ عمارتن ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ متبادل بندوبست ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پنجاب جي متاثر ماڻهن جي مدد بابت ڳالهه ڪئي هئي، جيڪا عوامي ڀلائي لاءِ هئي، پر ان کي غلط رنگ ڏنو پيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري همدردي ۽ سهڪار جي ڳالهه ڪئي، جيڪا ڪا ناڪاري ڳالهه ناهي. ناصر حسين شاهه چيو ته سياست ۾ گرماگرمي نه هجڻ گهرجي، ڇو ته اختلافن جو نقصان وفاقي حڪومت کي ٿيندو. ملڪ وڏي مشڪل سان بهتري طرف وڃي رهيو آهي، جنهن ۾ فوجي قيادت، وزيراعظم ۽ صدر آصف علي زرداري جو اهم ڪردار آهي، جن ملڪ کي ڊفالٽ مان ٻاهر ڪڍيو. هن چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز عورت آهي ۽ مان سندس احترام ڪريان ٿو. پيپلز پارٽي کي ڪنهن به ماڻهو کان ڪارڪردگيءَ جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت ناهي اها عوامي ووٽن سان چونڊيل پارٽي آهي۽ سنڌ جي عوام ان مان مطمئن آهي. ناصر حسين شاهه چيو ته 2029ع جي عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي سڄي ملڪ مان ڪاميابي حاصل ڪندي ۽ بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ وزيراعظم هوندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت صحافين جي مسئلن کان چڱي ريت واقف آهي ۽ انهن جي حل لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن. ڪراچي پريس ڪلب هڪ تاريخي ۽ نمائنده ادارو آهي، جيڪو جهموريت، اظهارِ راءِ جي آزادي ۽ عوامي مفاد لاءِ هميشه اڳيان رهيو آهي. ناصر حسين شاهه چيو ته پريس ڪلب جي انتظام هيٺ ترقياتي منصوبا نه صرف موجوده ميمبرن پر نون شامل ٿيندڙ صحافين لاءِ به فائديمند ثابت ٿيندا. هن ٻڌايو ته سمورن منصوبن جون فائلون مڪمل ڪري لاڳاپيل کاتن ڏانهن موڪليون ويون آهن ۽ منظوريءَ جو عمل حتمي مرحلي ۾ آهي. پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي ۽ سيڪريٽري سهيل افضل خان صوبائي وزير جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته سنڌ سرڪار طرفان صحافين جي ڀلائي لاءِ کنيل قدم سٺو سنوڻ آهن. ملاقات جي پڄاڻي تي سيد ناصر حسين شاهه کي ڪراچي پريس ڪلب پاران سنڌ جي روايتي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو ويو.