ٿر جو ڪوئلو پاڪستان جي توانائي کي گهٽ خرچ ۽ مقامي ذريعن وسيلي محفوظ بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

ڪراچي-08 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿر جو ڪوئلو پاڪستان جي توانائي کي گهٽ خرچ ۽ مقامي ذريعن وسيلي محفوظ بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ سان ملڪ کي 681 ملين آمريڪي ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو بچيو آهي ڇوته ان سان درآمدي ڪوئلي تي …

ڪراچي-08 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿر جو ڪوئلو پاڪستان جي توانائي کي گهٽ خرچ ۽ مقامي ذريعن وسيلي محفوظ بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ سان ملڪ کي 681 ملين آمريڪي ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو بچيو آهي ڇوته ان سان درآمدي ڪوئلي تي دارومدار گهٽ ٿيو آهي. اهڙو اظهار هن سي ايم هائوس ۾ توانائي کاتي جي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وڏي وزير اجلاس ۾ صوبي جي اهم توانائي منصوبن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو . اجلاس ۾ بريفنگ دوران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 2008 ۾ ٿرڪول اينڊ انرجي بورڊ قائم ڪيو ويو هو ته جيئن ٿر جي ڪوئلي جي وسيلن جي ترقي ۽ سهولت لاءِ ڪم ڪري سگهجي. ٿرڪول بلاڪ-ون منصوبي ۾ اڃا تائين 3 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ٿي چڪي آهي، جنهن سان لڳ ڀڳ 3000 مقامي ماڻهن کي روزگار مليو آهي. ماحولياتي توازن لاءِ ڪيل قدمن بابت ڳالهائيندي وڏي وزير ٻڌايو ته ٿر جي علائقي ۾ 3 لک 75 هزار وڻ پوکيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته بلاڪ-ون مان 1 ڪروڙ 59 لک 70 هزار ٽن ڪوئلو ڪڍيو ويو آهي، جنهن مان 21500 گيگاواٽ بجلي پيدا ڪري نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪئي وئي آهي، جيڪا لڳ ڀڳ 40 لک گهرن کي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. هن چيو ته ٿر جي ڪوئلي سان پيدا ٿيندڙ بجلي جي قيمت فقط 4.8 رپيا في يونٽ آهي جڏهن⁠ته درآمدي ڪوئلي سان اها قيمت 15 رپيا في يونٽ آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته مقامي ڪوئلي تي ٻڌل توانائي وڌيڪ سستي ۽ پائيدار آهي. وڏي وزير ٿر جي بجلي پيدا ڪندڙ منصوبن جي مرحليوار واڌاري جو به جائزو ورتو. پهريون مرحلي ۾ 660 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت حاصل ڪئي وئي. ٻين مرحلي ۾ وڌيڪ 660 ميگا واٽ پيداوار جاري آهي. ٽين مرحلي ۾ وڌيڪ 660 ميگا واٽ جو منصوبو تياري هيٺ آهي. ٻھراڙي وارن علائقن ۾ بجلي فراهمي بابت وڏي وزير چيو ته ٻھراڙي وارن علائقن جي بجلي فراهمي پروگرام تحت اڄ تائين 8813 ڳوٺن کي بجلي فراهم ڪئي وئي آهي جڏهن ⁠ته 360 ڳوٺن ۾ ڪم جاري آهي. هن تقسيم ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته حيسڪو 5347 ڳوٺن کي بجلي فراهم ڪئي جڏهن ⁠ته 120 ۾ ڪم جاري آهي. سيپڪو 3233 ڳوٺن کي بجلي ڏني ۽ 229 ڳوٺن ۾ ڪم هلي رهيو آهي. ڪي-اليڪٽرڪ 270 ڳوٺن کي بجلي فراهم ڪئي ۽ 11 ڳوٺن ۾ ڪم جاري آهي. اهو به ٻڌايو ويو ته فيز 9 حيسڪو ۽ سيپڪو جي علائقن ۾ شروع ٿي چڪو آهي جڏهن ⁠ته فيز 8 ڪي-اليڪٽرڪ جي حدن اندر جاري آهي. ٻه اي ڊي پي اسڪيمون منظور ڪيون ويون آهن جن جو بجيٽ 1500 ملين رپيا آهي، جن مان 521.038 ملين رپيا جاري ڪيا ويا آهن. وڏي وزير توانائي کاتي ۽ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته جاري منصوبن جي رفتار ۾ تيزي آندي وڃي، ٻھراڙي ۽ صنعتي علائقن کي مستحڪم بجلي فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ ٿر جي ڪوئلي سان گڏ تجديد جوڳي توانائي جي واڌاري تي به ڌيان ڏنو وڃي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته سنڌ حڪومت توانائي جي هڪ متوازن ميلاپ کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، جيڪو سستو، پائيدار ۽ روزگار پيدا ڪندڙ هجي ۽ ٿر کي پاڪستان جي توانائي واري خود ڪفالت جي علامت بڻائي. اجلاس ۾ وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري انرجي مشتاق سومرو، ايم ڊي ٿرڪول انرجي طارق شاهه، سي اي او سنڌ ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني سليم شيخ، ايس ايل سي ايم ايس جو نمائندو مشتاق پنهور، ڊي جي پاور نند لال ۽ ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.