ڪراچي-08 آڪٽوبر (اي پي پي) لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته سنڌ حڪومت لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ذريعي ترقي ڏيڻ لاءِ ڪوشان آهي. صوبائي وزير چيو ته اسان جديد ٽيڪنالاجي سان کاتي جي ترقي ۽ سنڌ جي مالوندن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. اسان اهڙي ترقي چاهيون ٿا جو سنڌ جي مالوند ماڻهن جا مسئلا نه …
سنڌ سرڪار لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي کي آءِ ٽي ذريعي ترقي ڏيڻ لاءِ ڪوشان آهي: صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي

مزید خبریں
ڪراچي-08 آڪٽوبر (اي پي پي) لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته سنڌ حڪومت لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ذريعي ترقي ڏيڻ لاءِ ڪوشان آهي. صوبائي وزير چيو ته اسان جديد ٽيڪنالاجي سان کاتي جي ترقي ۽ سنڌ جي مالوندن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. اسان اهڙي ترقي چاهيون ٿا جو سنڌ جي مالوند ماڻهن جا مسئلا نه صرف ضلعي سطح تي حل ٿين، پر انهن جي ڄاڻ کاتي جي سيڪريٽري ۽ وزير تائين پهچي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته جيئن سنڌ حڪومت سنڌ ڪابينا جي اجلاس لاءِ هاڻي جديد طرز تي پنهنجي پورٽل تي ايجنڊا ۽ ٻيا تفصيل رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، تيئن اسان لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي کي پنهنجي پورٽل تي جديد طرز موجب ترتيب ڏيڻ چاهيون ٿا، جنهن ذريعي کاتي جون ميٽنگز، رويو ميٽنگز ۽ سنڌ جي مالوند ڀاڳين کي سندن در تي جانورن جي علاج معالج جون سهولتون مهيا ڪري سگهجن. ان پورٽل تي علائقائي سطح تي شڪايت، گهرج يا بيماري جي رپورٽ موڪلي سگهبي، جنهن تحت کاتي جا ضلعي آفيسر ان شڪايت جو ازالو ڪري 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ پيش ڪندا. ان رپورٽ ۾ بيمار جانورن جو تفصيل، بيماري جو قسم ۽ دوائن جي استعمال ۽ اسٽاڪ بابت ڄاڻ شامل هوندي. اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو ته کاتي ۾ شڪايتن جي ازالي لاءِ هڪ مرڪزي هيلپ لائين نمبر قائم ڪيو وڃي جنهن ذريعي سڄي سنڌ جا فارمرز ۽ مڇي مارڻ وارا پنهنجون شڪايتون درج ڪرائي سگهن ۽ اهي شڪايتون ڊپٽي ڊائريڪٽر کان وٺي سيڪريٽري ۽ وزير تائين پهچن ته جيئن فوري قدم کنيا وڃن. هن چيو ته لائيو اسٽاڪ کاتي جي گاڏين ۾ ٽريڪر سسٽم لڳايو وڃي جيئن فارم کان ڪنهن به هنڌ تائين گاڏين جي هلچل تي نظر رکي سگهجي ۽ شفافيت برقرار رهي. ان کان علاوه، صوبائي وزير هدايت ڪئي ته کاتي لاءِ هڪ جديد ڊجيٽل ايپليڪيشن تيار ڪئي وڃي، جنهن ۾ سمورا انتظامي تفصيل جهڙوڪ بدليون مقرريون، ۽ ضلعي سطح تي خالي آسامين بابت ڄاڻ شامل هجي، جيئن کاتي جي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ۽ اثرائتو بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ آءِ ٽي ايم ٽيڪ سوليشن جا ڊائريڪٽر احسن ايم مصطفيٰ ۽ امتياز خان شرڪت ڪئي.











