چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران اورڪزئي آپريشن ۾ فوجي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اورڪزئي آپريشن ۾ شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جي بهادري جي عزم جي واکاڻ ڪئي آهي. پ پ پ ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اورڪزئي ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن خلاف ڪارروائي دوران ليفٽيننٽ ڪرنل سميت 11 فوجي جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن ڳجهي اطلاع …

اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اورڪزئي آپريشن ۾ شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جي بهادري جي عزم جي واکاڻ ڪئي آهي. پ پ پ ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اورڪزئي ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن خلاف ڪارروائي دوران ليفٽيننٽ ڪرنل سميت 11 فوجي جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن ڳجهي اطلاع تي ٻڌل آپريشن ۾ شهيد ٿيل ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد طارق ، ميجر طيب راحت، اعظم گل، عادل حسين، شير خان، گل عامر، طالش فراز، ارشد حسين، طفيل خان، عاقب علي ۽ محمد زاهد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري شهيد ٿيل فوجي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پوئينرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪرڻ لاءِ جاري آپريشن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي پختي عزم جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں