خيبرپختونخوا جي وڏي وزير پاران اورڪزئي ۾ شهيد ٿيل سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي خراج عقيد پيش

پشاور-08 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور اورڪزئي ضلعي ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ شهيد ٿيل ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ ميجر سميت سيڪيورٽي فورسز جي 11 اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان موجب وزيراعليٰ شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندانن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعليٰ …

پشاور-08 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور اورڪزئي ضلعي ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ شهيد ٿيل ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ ميجر سميت سيڪيورٽي فورسز جي 11 اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان موجب وزيراعليٰ شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندانن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعليٰ حملي ۾ زخمي اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، هن 19 دهشتگردن کي ٺڪاڻي لڳائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ملڪ ۽ قوم خاطر حايتون قربان ڪندڙ انهن شهيدن ۽ سندن وارثن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ملڪ ۾ امن لاءِ سيڪيورٽي فورسز شهادتن جا لازوال داستان لکيا آهن. شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، سيڪيورٽي فورسز جون هي قربانيون دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قوم جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.

مزید خبریں