اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اورڪزئي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي ۾ 19 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي مارڻ تي فورسز جي جرئت ۽ بهادري کي ساراهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن ملڪ جي دفاع ۾ شهادت ماڻيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد، ميجر طيب ۽ 9 جوانن کي دلي خراج عقيدت پيش ڪيو. گهرو وزير چيو ته انهن سپوتن پنهنجي قيمتي حياتين …
گهرو وزير محسن نقوي پاران اورڪزئي ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اورڪزئي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي ۾ 19 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي مارڻ تي فورسز جي جرئت ۽ بهادري کي ساراهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن ملڪ جي دفاع ۾ شهادت ماڻيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد، ميجر طيب ۽ 9 جوانن کي دلي خراج عقيدت پيش ڪيو. گهرو وزير چيو ته انهن سپوتن پنهنجي قيمتي حياتين جو نذرانو ڏئي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. شهيدن جون قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن، قوم هميشه انهن جي احسان مند رهندي، محسن نقوي شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته قوم سندن ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. هن دهشتگردي خلاف فورسز جي عزم کي پختو قرار ڏيندي چيو ته شهيدن جي رت جو هڪ هڪ ڦڙو اسان جي عزم جي گواهي ڏي ٿو. گهرو وزير ڪارروائي ۾ زخمي ٿيل ٻن جوانن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي۽ چيو ته پوري قوم پنهنجي انهن بهادر سپوتن ۽ سندن خاندانن کي سلام پيش ڪري ٿي جن وطن لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون.











