وفاقي وزير محمد حنيف عباسي  پاران اورڪزئي آپريشن ۾ 19 دهشتگردن کي مارڻ تي پاڪ فوج جي جوانن کي سلام پيش

اسلام آباد-08 آڪٽوبر(اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي اورڪزئي آپريشن ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم 19 دهشتگردن کي جهنم حوالي ڪرڻ تي پاڪ فوج جي جوانن کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته اهو دهشتگردي خلاف شجاعت جو نئون مثال آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته پاڪ فوج جي بهادر سپوتن ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم 19 دهشتگردن کي جهنم حوالي ڪري ڇڏيو، آپريشن دوران ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد طارق ۽ ميجر طيب سميت …

اسلام آباد-08 آڪٽوبر(اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي اورڪزئي آپريشن ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم 19 دهشتگردن کي جهنم حوالي ڪرڻ تي پاڪ فوج جي جوانن کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته اهو دهشتگردي خلاف شجاعت جو نئون مثال آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته پاڪ فوج جي بهادر سپوتن ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم 19 دهشتگردن کي جهنم حوالي ڪري ڇڏيو، آپريشن دوران ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد طارق ۽ ميجر طيب سميت 11 بهادر جوانن به شهادت ماڻي. ريلوي واري وزير چيو ته امن ۽ استحڪام لاءِ حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، پاڪ فوج جي بهادر سپوتن جي جرئت تي قوم جو سلام آهي. هن شهيدن جي مغفرت جي دعا ڪئي ۽ گهرڀاتين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. محمد حنيف عباسي چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج جو عزم وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي، قوم پنهنجي هيروز جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اها جنگ جاري رهندي. 

مزید خبریں