اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري پاڪستان ميري ٽائيم انويسٽمينٽ ڪانفرنس 2025ع منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن جو مقصد سامونڊي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن کي عالمي سيڙپڪارن آڏو اجاگر ڪرڻ آهي. اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي جنيد انوار چوڌري چيو ته ايندڙ فورم ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي سمورن بندرگاهن ۽ لاڳاپيل ادارن ۾ مائيڪرو …
سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير پاران ميري ٽائيم ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو اعلان

مزید خبریں
اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري پاڪستان ميري ٽائيم انويسٽمينٽ ڪانفرنس 2025ع منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن جو مقصد سامونڊي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن کي عالمي سيڙپڪارن آڏو اجاگر ڪرڻ آهي. اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي جنيد انوار چوڌري چيو ته ايندڙ فورم ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي سمورن بندرگاهن ۽ لاڳاپيل ادارن ۾ مائيڪرو ۽ ميڪرو سطح تي سيڙپڪاري جا موقعا پيش ڪيا ويندا. هن چيو ته انهن قدمن جو مقصد پائيدار سيڙپڪاري ذريعي بليو اڪانومي ۽ سامونڊي انفرا اسٽرڪچر کي مستحڪم بڻائڻ آهي.اجلاس جي ايجنڊا ۾ فورم جي تاريخ، مقام ۽ موضوعاتي رخن بابت اهم فيصلا شامل هئا. عملدارن اتفاق ڪيو ته هي پنهنجي نوعيت جي پهرين ڪانفرنس پاڪستان کي خطي ۾ سامونڊي سيڙپڪاري ۽ جدت جو مرڪز بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. اجلاس ۾ بندرگاهي انفرا اسٽرڪچر، ماهيگيري، سامونڊي ٽرانسپورٽ، جهاز سازي ۽ سامونڊي سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي امڪانن تي تفصيلي غور ڪيو ويو ته جيئن قومي معيشت جي واڌ ۽ پائيدار ترقي جي هدفن سان هم آهنگ منصوبابندي ڪري سگهجي. اجلاس ۾ فورم جي مشهوري لاءِ اسٽريٽجڪ ميڊيا ۽ برانڊنگ مهم بابت تجويزن جي حوالي سان مشاورت به ڪئي وئي ته جيئن سيڙپڪارن، مالياتي ادارن ۽ ترقياتي حصيدارن جي اعليٰ سطحي شرڪت يقيني بڻائي سگهجي. وفاقي وزير لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته سيڙپڪاري تجويزن ۽ منصوبن جي آڇ لاءِ معياري ٽيمپليٽس جلد کان جلد تيار ڪيا وڃن ته جيئن نون منصوبن جي جائزي ۽ منظوري جي عمل کي موثر بڻائي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته عوامي ۽ نجي شعبن جي سهڪار سان پاڪستان جي سامونڊي صلاحيت کي ٻيهر اجاگر ڪري سگهجي ٿو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ميري ٽائيم انويسٽمينٽ فورم ۽ ڪانفرنس ملڪ جي بليو اڪانومي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي.











