اين ڊي ايم اي جو اڳواٽ آگاهي نظام عالمي معيار تائين پهچي ويو آهي: ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ

اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ چيو آهي ته اين ڊي ايم اي جو اڳواٽ آگاهي نظام عالمي معيار تائين پهچي چڪو آهي، پاڪستان آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ نيشنل ريسورس نيٽ ورڪ قائم ڪري رهيو آهي. اهڙو اظهار هن قومي يوم استقامت جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ ڪيو. اين ڊي ايم اي ۾ …

اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ چيو آهي ته اين ڊي ايم اي جو اڳواٽ آگاهي نظام عالمي معيار تائين پهچي چڪو آهي، پاڪستان آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ نيشنل ريسورس نيٽ ورڪ قائم ڪري رهيو آهي. اهڙو اظهار هن قومي يوم استقامت جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ ڪيو. اين ڊي ايم اي ۾ نيشنل ريزيلئنس ڊي جي مرڪزي تقريب منعقد ٿي. اين ڊي ايم اي چيئرمين چيو ته 8 آڪٽوبر اسان کي 2005ع جي زلزلي ۽ ٻين آفتن جي ياد ڏياري ٿو، ان ڏينهن جو مقصد آفتن کي منهن ڏيڻ جي قومي صلاحيت ۽ عزم کي اجاگر ڪرڻ آهي. اين ڊي ايم اي چيئرمين چيو ته 2005ع کان 2025ع تائين آيل سمورين آفتن مان حاصل ٿيل تجربا اسان جي رهنمائي ڪن ٿا. هن سمورن رضاڪارن ۽ ادارن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان جي قوم هر آفت ۾ يڪجهتي ۽ مدد جي جذبي سان ثابت ڪيو ته اسان مضبوط قوم آهيون. هن جو چوڻ هو ته اين ڊي ايم اي جو اڳواٽ آگاهي نظام عالمي معيار تائين پهچي چڪو آهي، هاڻي آفتن بابت معلومات وقت سر عوام ۽ لاڳاپيل ادارن تائين پهچي رهي آهي. پاڪستان آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ نيشنل ريسورس نيٽ ورق قائم ڪري رهيو آهي. هن آفتن بابت تجربن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڀريو. اين ڊي ايم اي چيئرمين پاڪ فوج، فلاحي ادارن ۽ رضاڪارن جو ٿورو مڃيو. تقريب ۾ وزيرن، ماهرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. قومي يوم استقامت جو مقصد مضبوط ۽ محفوظ پاڪستان ڏانهن اڳڀرائي آهي.

مزید خبریں