ميرپور ماٿيلو ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مقامي صحافي  ٻارن آڏو قتل، صدمي ۾ 7 ورهين جي ڀائيٽي به فوت

سکر-08 آڪٽوبر(اي پي پي) ميرپور ماٿيلو ۾ هٿياربندن مقامي صحافي کي ٻارن آڏو قتل ڪري ڇڏيو. سنڌ جي علائقي ميرپور ماٿيلو ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري مقامي صحافي طفيل رند کي قتل ڪري ڇڏيو. صدمي سبب ڀائيٽي به وفات ڪري وئي. پوليس مطابق ميرپور ماٿيلو ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري مقامي صحافي طفيل رند کي ان وقت قتل ڪيو جڏهن هو پنهنجي ٻارن کي گهر کان اسڪول ڇڏڻ وڃي رهيو …

سکر-08 آڪٽوبر(اي پي پي) ميرپور ماٿيلو ۾ هٿياربندن مقامي صحافي کي ٻارن آڏو قتل ڪري ڇڏيو. سنڌ جي علائقي ميرپور ماٿيلو ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري مقامي صحافي طفيل رند کي قتل ڪري ڇڏيو. صدمي سبب ڀائيٽي به وفات ڪري وئي. پوليس مطابق ميرپور ماٿيلو ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري مقامي صحافي طفيل رند کي ان وقت قتل ڪيو جڏهن هو پنهنجي ٻارن کي گهر کان اسڪول ڇڏڻ وڃي رهيو هو. صحافي طفيل رند جي 7 ورهين جي ڀائيٽي به گڏ هئي جيڪا صدمي ۾ وفات ڪري وئي. مقتول جو لاش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپور ماٿيلو منتقل ڪيو ويو. مقامي پوليس جو چوڻ آهي ته سمورن رخن کان واقعي جي جاچ جاري آهي، مقتول جو پنهنجي برادري سان تڪرار پڻ هلي رهيو هو.