يومِ استقامت تي قوم جي حوصلي، قرباني ۽ اتحاد کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو: گهرو وزير محسن نقوي

اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته 8 آڪٽوبر 2005ع جي زلزلي جي تباهڪارين کي قوم اڄ تائين ناهي وساري سگهي. يومِ استقامت تي قوم جي حوصلي، قرباني ۽ اتحاد کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. قومي يومِ استقامت جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ گهرو وزير چيو ته 8 آڪٽوبر جو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته قدرتي آفتن …

اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته 8 آڪٽوبر 2005ع جي زلزلي جي تباهڪارين کي قوم اڄ تائين ناهي وساري سگهي. يومِ استقامت تي قوم جي حوصلي، قرباني ۽ اتحاد کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. قومي يومِ استقامت جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ گهرو وزير چيو ته 8 آڪٽوبر جو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته قدرتي آفتن آڏو جهڪڻ بدران پاڪستاني قوم صبر، همٿ ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ان افسوسناڪ سانحي ۾ هزارين قيمتي حياتيون ضايع ٿيون ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، پر قوم جنهن جذبي ۽ اتحاد سان امدادي سرگرمين ۾ حصو ورتو، اهو اسان جي قومي تاريخ جو هڪ روشن باب آهي. محسن نقوي چيو ته 8 آڪٽوبر تي فوت ٿي ويل سمورن ماڻهن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو، جن جون قربانيون اسان کي انسانيت، خدمت ۽ ايثار جو سبق ڏين ٿيون. هن ريسڪيو ادارن، پاڪ فوج، سول سوسائٽي ۽ عالمي امدادي تنظيمن جو شڪريو ادا ڪيو جنهن متاثرن جي مدد ۽ بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. گهرو وزير چيو ته حڪومت قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد نظام، اڳواٽ تياري ۽ فوري رد عمل جي صلاحيت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿي.

مزید خبریں