سينيٽر مشتاق احمد 9 آڪٽوبر تي وطن واپس اچي ويندو، پرڏيهي وزارت ان سلسلي ۾ انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار

اسلام آباد _ 07 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته سينيٽر مشتاق احمد 9 آڪٽوبر تي وطن واپس اچي ويندو، پرڏيهي وزارت ان سلسلي ۾ انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي پوسٽ جي ذريعي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير آگاهه ڪيو ته ملائيشيا کان اسلام آباد واپسي تي هن اردن ۾ مقرر پاڪستان …

اسلام آباد _ 07 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته سينيٽر مشتاق احمد 9 آڪٽوبر تي وطن واپس اچي ويندو، پرڏيهي وزارت ان سلسلي ۾ انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي پوسٽ جي ذريعي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير آگاهه ڪيو ته ملائيشيا کان اسلام آباد واپسي تي هن اردن ۾ مقرر پاڪستان جي سفير جي ذريعي اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. سينيٽر مشتاق خيريت سان آهي ۽ سندس حوصلو بلند آهي. نائب وزيراعظم فلسطيني عوام جي لاءِ انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد پهچائڻ جي لاءِ غزه جو گهيراءُ ٽوڙڻ ۽ عالمي صمود فلوٽيلا ۾ شرڪت تي سينيٽر مشتاق جي حوصلي، جرئت ۽ عزم کي ساراهيو. سينيٽر مشتاق هڪ دوست يورپي ملڪ جي سفارشي مشن جي ذريعي ان سان رابطو قائم ڪرڻ ۽ اردن ۾ قيام ۽ تحفظ دوران پاڪستان جي سفارتخاني جي مڪمل معاونت ۽ تعاون تي پرڏيهي وزارت جا ٿورا ادا ڪيا. هو 9 آڪٽوبر تي وطن واپس ايندو ان سلسلي ۾ پرڏيهي وزارت انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن.

مزید خبریں