پ پ پ سدائين ملڪ جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو ۽ جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون: پ پ سينيٽرن جي پريس ڪانفرنس

اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سينيٽرن چيو آهي ته ملڪ ٻوڏ ۽ قدرتي آفتن جو شڪار آهي، پ پ هميشه ملڪ جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو ۽ جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. اهڙو اظهار هنن پ پ پ جي اڳوڻي مملڪتي وزير سينيٽر شهادت اعواڻ، سينيٽر پلوشا خان، سينيٽر وقار مهدي ۽ سينيٽر مسرور احسن پ پ پ سينٽرل سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي …

اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سينيٽرن چيو آهي ته ملڪ ٻوڏ ۽ قدرتي آفتن جو شڪار آهي، پ پ هميشه ملڪ جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو ۽ جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. اهڙو اظهار هنن پ پ پ جي اڳوڻي مملڪتي وزير سينيٽر شهادت اعواڻ، سينيٽر پلوشا خان، سينيٽر وقار مهدي ۽ سينيٽر مسرور احسن پ پ پ سينٽرل سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽر پلوشا خان چيو ته ملڪ ٻوڏ ۽ قدرتي آفتن جو شڪار آهي، پ پ وفاق جي علامت آهي ۽ صوبن ۾ کيس مينڊيٽ آهي. هن چيو ته ڀارت جي بيانيي کي مٽيءَ ۾ ملائڻ وارو بلاول ڀٽو زرداري آهي، اسان اڄ به مڃون ٿا ته مودي جو جيڪو يار اهو غدار آهي، اسان اتحاد جو حصو ان ڪري لاءِ بڻياسين ته جمهوريت قائم رهي. هن چيو ته پنجاب اسان سڀني جو آهي، اسان اڄ به سڀني جي عزت ڪريون ٿا، اسان تجويزون ڏنيون آهن، تنقيدون ناهن ڪيون.سينيٽر وقار مهدي چيو ته پ پ پ چئني صوبن جي زنجير آهي، اسان ڪڏهن صوبائيت جو نعرو ناهي هنيو، اسان سدائين پاڪستان جي ڳالهه ڪئي آهي، اسان هميشه تهذيب جي ڳالهه ڪئي آهي. هن چيو ته پ پ سدائين ملڪ جي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪيو آهي، اسان عوامي ماڻهو آهيون ۽ اسان عوام جو حصو آهيون. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري اسان جو ليڊر آهي، جنهن اڪثر ملڪن سان ناتا بهتر ڪيا، ملڪ جي خدمت ڪئي، پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان ڪڍرايو. هن چيو ته اسان ملڪ جي سلامتي چاهيون ٿا ۽ پاڪ فوج سان گڏ آهيون. وقار مهدي چيو ته اسان گذريل ٻوڏ دوران سنڌ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي 28 لک ماڻهن جي مدد ڪئي، هي واحد پروگرام آهي جنهن ۾ ڊيٽا موجود آهي. مسرور احسن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پ پ ملڪ جي بقا ۽ استحڪام جي سياست ڪري رهي آهي، جمهوريت کي کڻي هلي رهيا آهيون، اسان وفاق جي پارٽي آهيون، اسان ملڪ خاطر قربانيون ڏنيون آهن، اسان جي پارٽي چئني صوبن ۾ آهي. سينيٽر شهادت اعواڻ چيو ته سڄو پاڪستان ڄاڻي ٿو ته پ پ جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، اسان ته صرف اهو چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان عوام جي مدد ڪريو.

مزید خبریں