لاهور- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته پاڪستان اڄ دنيا جي وڏي طاقت بڻجي اُڀري رهيو آهي، حڪومت ڊجيٽل انوائرمينٽ پليٽ فارم سان نوجوانن کي اڳتي وڌائڻ جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عورتن بابت لاهور ڪاليج ۾ رٿيل ڪلائمينٽ گالا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته جيڪي ماڻهو پاڪستان جي مخالفت …
حڪومت ڊجيٽل انوائرمينٽ پليٽ فارم سان نوجوانن کي اڳتي وڌائڻ جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي: رانا مشهود احمد خان

مزید خبریں
لاهور- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته پاڪستان اڄ دنيا جي وڏي طاقت بڻجي اُڀري رهيو آهي، حڪومت ڊجيٽل انوائرمينٽ پليٽ فارم سان نوجوانن کي اڳتي وڌائڻ جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عورتن بابت لاهور ڪاليج ۾ رٿيل ڪلائمينٽ گالا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته جيڪي ماڻهو پاڪستان جي مخالفت ڪن ٿا اڄ ڀارت ۾ مينارٽيز جو حال ڏسن، جتي ڪوبه اقليتي محفوظ ناهي. هن چيو ته پاڪستان ڪڏهن به ڪنهن پاڙيسري ملڪ تي حملو ناهي ڪيو، جڏهن به حملو ٿيو ڀارت طرفان ٿيو، پاڪستان هميشه پنهنجو دفاع ڪيو آهي. هن چيو ته ڀارت خلاف تازي جنگ ۾ ٻارن ئي سندس دفاعي سسٽم هينگ ڪري ڇڏيو هو، جيڪو اسان جي يوٿ جي ٽيلنٽ جو واضح ثبوت آهي. اڄ پاڪستان دنيا جي وڏي طاقت بڻجي اُڀريو آهي، پاڪستان جي ترقي جي ڳالهه ٿي رهي آهي، ايران تي حملو ٿئي ته پاڪستان کان مدد گُهري وڃي ٿي، سعودي عرب خطرو محسوس ڪري ته معاهدو پاڪستان سان ڪندو آهي، گڏيل قومن سميت هر فورم تي پاڪستان جي مؤثر ڪردار جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته هاڻ جيڪڏهن مودي ڪا حرڪت ڪئي ته کيس مُنهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، جنگ جون ڳالهيون ڪرڻ آسان آهي، عمل اهو آهي جيڪو اسان مئي ۾ ڪري ڏيکاريو. هن چيو ته پاڪستان کي 2022ع ۾ ڏيوالپڻي جون ڳالهيون جاري هيون، موجوده حڪومت ملڪ کي پنهنجن پيرن تي بيهاريو، بلوم برگ جي رپورٽ موجب پاڪستان دنيا جي اُڀرندڙ ٻي وڏي معيشت آهي. هن چيو ته اسان پهريون ڀيرو يوٿ ڪائونسل بڻائي، جنهن ۾ ٻن لک ٻارڙين کي ٽريننگ ڏئي موسمي تبديلين کي نظر ۾ رکندي اڻوڻندڙ حالتن لاءِ تيار ڪرڻ آهي. هن چيو ته ڪو اهڙو ڏينهن ناهي جڏهن پاڪستان ۾ ڪا ڊيليڪيشن نه اچي رهي هجي، جلد سعودي عرب جو هڪ وڏو وفد پاڪستان اچي رهيو آهي، اهي سموريون شيون نوجوانن لاءِ موقعا آهن. رانا مشهود احمد خان چيو ته حڪومت ماحولياتي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ هاڪاري ۽ جٽادار قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته پنجاب جي ڪلائمينٽ چينج پاليسي ۽ ايڪشن پلان تي ڀرپور عملدرآمد جاري آهي جيڪو جٽادار ترقيءَ جي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو.











