بارباڊوس- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني 68هين دولتِ مشترڪه پارلياماني ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ بارباڊوس پهچي ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين برطانيه ۾ مختصر قيام کان پوءِ دولتِ مشترڪه پارلياماني ڪانفرنس (سي پي سي 68) ۾ شرڪت لاءِ بارباڊوس پهچي ويو آهي. ڪانفرنس ۾ دولتِ مشترڪه جي ميمبر ملڪن جا پارلياماني سربراهه، ميمبر ۽ نمائندا وڏي انگ ۾ شريڪ آهن. …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني 68هين دولتِ مشترڪه پارلياماني ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ بارباڊوس پهچي ويو

مزید خبریں
بارباڊوس- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني 68هين دولتِ مشترڪه پارلياماني ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ بارباڊوس پهچي ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين برطانيه ۾ مختصر قيام کان پوءِ دولتِ مشترڪه پارلياماني ڪانفرنس (سي پي سي 68) ۾ شرڪت لاءِ بارباڊوس پهچي ويو آهي. ڪانفرنس ۾ دولتِ مشترڪه جي ميمبر ملڪن جا پارلياماني سربراهه، ميمبر ۽ نمائندا وڏي انگ ۾ شريڪ آهن. اها ڪانفرنس جمهوري قدرن، قانون جي حڪمراني، شفاف طرزِ حڪمراني، پارلياماني سهڪار ۽ عوامي رابطن کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان اهم عالمي فورم جي حيثيت رکي ٿي. سينيٽ چيئرمين ڪانفرنس دوران مختلف ملڪن جي پارلياماني اڳواڻن سان اهم ٻه طرفيون ملاقاتون به ڪندو، جن ۾ پارلياماني سطح تي ڀائيواري، عوامي رابطن کي هٿي وٺرائڻ، خطي ۾ امن ۽ استحڪام، واپاري سهڪار ۽ ماحولياتي چئلينجز جهڙن موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. سيد يوسف رضا گيلاني ڪانفرنس جي هڪ اهم سيشن جي صدارت پڻ ڪندو. ان موقعي تي موسمي تبديلين جي اثرن، پاڪستان ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب پيدا ٿيل انساني ۽ ماحولياتي صورتحال ۽ قدرتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي گڏيل قدمن جي ضرورت تي پڻ روشني وجهندو. انهن ان اميد جو اظهار ڪيو ته دولتِ مشترڪه پارلياماني ايسوسيئيشن تحت ٿيندڙ اها ڪانفرنس ميمبر ملڪن وچ ۾ جمهوري ادارن جي استحڪام، قانون جي بالادستي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ پارلياماني سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.











