پاڪستان ڀارت سان هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل ناهي، معرڪه حق ۾ دشمن اسان جو ڪو به جهاز نه ڪيرائي سگهيو: ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر

راولپنڊي- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ڀارت سان هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل ناهي، معرڪه حق ۾ ڀارت، پاڪستان جو ڪو به جهاز نه ڪيرائي سگهيو. پرڏيهي مئگزين بلوم برگ کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته اسان جي فوجي ترقياتي حڪمت عملي هميشه اثرائتي ۽ اهم پليٽفارمز …

راولپنڊي- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ڀارت سان هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل ناهي، معرڪه حق ۾ ڀارت، پاڪستان جو ڪو به جهاز نه ڪيرائي سگهيو. پرڏيهي مئگزين بلوم برگ کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته اسان جي فوجي ترقياتي حڪمت عملي هميشه اثرائتي ۽ اهم پليٽفارمز ۽ اندروني پاڪستاني ٽيڪنالاجي کي شامل ڪرڻ رهي آهي، اسان هر قسم جي ٽيڪنالاجي پوءِ ان کي پاڻ ٺاهيو هجي يا اوڀر يا اولهه جي هجي ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ تيار رهندا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ڀارت سان هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل ناهي، پاڪستان ڪڏهن به انگن اکرن ۽ حقيقتن سان کيڏڻ يا لِڪائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي. ڊ: جي آءِ ايس پي آر تصديق ڪئي ته معرڪه حق ۾ ڀارت، پاڪستان جو هڪ به جهاز نه ڪيرائي سگهيو. بلوم برگ جي رپورٽ مطابق هڪ هفتو اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارت جا 07 جهاز ڪيرائڻ جي تصديق ڪري چڪو آهي. معرڪه حق ۾ پاڪستان جي چين جي ٺاهيل جي – 10 سي، رافيل سميت ڪيترائي ڀارتي فضائيه جا جهاز ڪيرايا. ڊي جي آءِ ايس پي آر معرڪه حق ۾ پاڪستاني هٿيارن جن ۾ پاڪستاني فوج ۾ شامل چيني پليٽ فارمز جي اثرائتي ڪارڪردگي جي توثيق ڪئي. آگسٽ ۾ پاڪستان زيڊ – 10 ايم اِي حملي آور هيلي ڪاپٽر کي به پنهنجي هٿيارن ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو، پاڪستان چيني هٿيارن سان گڏوگڏ آمريڪي ٺهيل ايف – 16 جهازن جو به استعمال ڪندو آهي.

مزید خبریں