ڪوالالمپور- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پنهنجي تازي ملائيشيا جي دؤري دوران پاڪستان ملائيشيا بزنس اينڊ انويسٽمينٽ ڪانفرنس جي ميزباني ڪئي. ان موقعي تي ملائيشيا جي پهرين نمبر جي ڪمپنين جي سربراهن وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ملاقات ڪئي. وفاقي وزير سان اميزون ويب سروس (اي ڊبليو ايس) جي وفد ملاقات ڪئي. وفد پاڪستان ۾ اسٽارٽ اپ ايڪو سسٽم کي مضبوط بڻائڻ …
واپار واري وفاقي وزير سان ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ سيڙپڪاريءَ جي شعبي سان واڳيل ملائيشيا جي ناليوارين ڪمپنين جي اڳواڻن جي ملاقات

مزید خبریں
ڪوالالمپور- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پنهنجي تازي ملائيشيا جي دؤري دوران پاڪستان ملائيشيا بزنس اينڊ انويسٽمينٽ ڪانفرنس جي ميزباني ڪئي. ان موقعي تي ملائيشيا جي پهرين نمبر جي ڪمپنين جي سربراهن وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ملاقات ڪئي. وفاقي وزير سان اميزون ويب سروس (اي ڊبليو ايس) جي وفد ملاقات ڪئي. وفد پاڪستان ۾ اسٽارٽ اپ ايڪو سسٽم کي مضبوط بڻائڻ ۾ گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. هن سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ، سيڙپڪاريءَ جي موقعن کي تلاش ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ ڊجيٽل جدت ۽ انٽرپرينيئورشپ کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ اميزون ويب سروس جي قيادت جي پاڪستان جي امڪاني دؤري تي پڻ روشني وڌي، ان کان علاوه ملائيشيا سيمي ڪنڊڪٽر انڊسٽري ايسوسيئيشن جي وفد وفاقي وزير کي ايسوسيئيشن جي ڪاميابين کان آگاهه ڪيو ۽ سيمي ڪنڊڪٽر سافٽ ويئر ڊزائين ۾ پاڪستان سان سهڪار ۾ گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير ايم ايس آءِ اي جي قيادت کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت ڏني. ڊاڪٽر چوا ۽ ٽين سري قمر الزمان جي باني ۽ مشير جي ڊبليو جي هڪ ملائيشين ڪمپني جيڪا زرعي تحقيق ۾ مهارت رکي ٿي، وفاقي وزير سان پنهنجي ملاقات ۾ ٻج ٽيڪنالاجي ۾ في هيڪٽر پيداوار کي بهتر بڻائڻ ۽ پاڪستاني هم منصب سان ريسرچ اينڊ ڊولپميٽ جي شعبي ۾ سهڪار جي آڇ ڪئي. وفاقي وزير ان آڇ کي ساراهيو ۽ پنهنجي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. وفاقي وزير ريجنل آپريشنز اينٽ گروپ جي سربراهه ٽومي ياه (پاڪستان ۾ سيڙپڪاري سان علي بابا گروپ جي الحاق ٿيل ڪمپني ”ايزي پئسا“) سان پڻ ملاقات ڪئي. مسٽر ٽومي پاڪستان ۾ فن ٽيڪ سيڪٽر ۾ مستقبل جي سيڙپڪاريءَ لاءِ شعبن جي تلاش جي عزم جو اظهار ڪيو. اي











