اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان سان پارليامينٽيرينز، سينيٽ جي اعليٰ عملدارن، قبائلي اڳواڻن، سينيئر صحافين ۽ علائقي جي ناليوارين شخصيتن ملاقاتون ڪيون ۽ کيس عمري جي سعادت ماڻڻ تي مبارڪون پيش ڪيون. ملاقات دوران معزز مهمانن سيدال خان جي خدمتن کي ساراهيندي سندس لاءِ وڏي عمر، صحت، تندرستي ۽ وڌيڪ ڪاميابين لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان …
سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان سان پارليامينٽيرينز، سينيٽ جي اعليٰ عملدارن، قبائلي اڳواڻن، سينيئر صحافين ۽ علائقي جي ناليوارين شخصيتن جون ملاقاتون

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان سان پارليامينٽيرينز، سينيٽ جي اعليٰ عملدارن، قبائلي اڳواڻن، سينيئر صحافين ۽ علائقي جي ناليوارين شخصيتن ملاقاتون ڪيون ۽ کيس عمري جي سعادت ماڻڻ تي مبارڪون پيش ڪيون. ملاقات دوران معزز مهمانن سيدال خان جي خدمتن کي ساراهيندي سندس لاءِ وڏي عمر، صحت، تندرستي ۽ وڌيڪ ڪاميابين لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب وقتي چيئريمن ملاقات ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته عمري جي سعادت هڪ روحاني اعزاز آهي جنهن تي هو الله تعاليٰ جو شڪرگذار آهي. هن دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي ترقي، امن ۽ خوشحاليءَ سان نوازي ۽ پوري قوم کي اتحاد، ڀائيچاري ۽ يڪجهتيءَ جي جذبي سان سرشار رکي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان دنيا جي انهن خوشقسمت ملڪن مان هڪ آهي جيڪي قدرتي وسيلن، معدنيات، انساني صلاحيتن ۽ مهارتن سان مالامال آهن. هن چيو ته ملڪ کي ترقي ۽ استحڪام جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان سڀ پنهنجون ذميواريون خلوص نيت سان ادا ڪريون ۽ قومي مفاد کي هميشه ترجيح ڏيون. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان حڪومت پوري سنجيدگي سان ملڪ کي درپيش چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۽ عوام جي ڀلائيءَ لاءِ اثرائتا قدم کڻي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته قومي ترقيءَ جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ عوام، حڪومت ۽ ادارن وچ ۾ هم آهنگي اڻٽر آهي.











