پاڪستان انٽرنيشنل ميري ٽائيم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس 2025 ملڪ جي بليو معيشت کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم ثابت ٿيندي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان انٽرنيشنل ميري ٽائيم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس 2025 ملڪ جي بليو معيشت کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم ثابت ٿيندي، جيڪا سامونڊي جدت، سيڙپڪاري ۽ عالمي سهڪار کي هٿي ڏيندي. اھڙو اظهار هن ميري ٽائيم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس 2025 جي حوالي سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل هڪ اعلي سطحي اجلاس جي …

ڪراچي- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان انٽرنيشنل ميري ٽائيم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس 2025 ملڪ جي بليو معيشت کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم ثابت ٿيندي، جيڪا سامونڊي جدت، سيڙپڪاري ۽ عالمي سهڪار کي هٿي ڏيندي. اھڙو اظهار هن ميري ٽائيم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس 2025 جي حوالي سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل هڪ اعلي سطحي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. هن چيو ته هي ايونٽ پاڪستان جي وسيع سامونڊي صلاحيتن کي اجاگر ڪندو ۽ ملڪ کي علائقي جي هڪ نمايان سامونڊي مرڪز طور مضبوط بڻائيندو. وڏي وزير چيو ته هي باوقار تقريب پاڪستان نيوي جي سهڪار سان 3 کان 6 نومبر 2025ع تائين ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ منعقد ٿيندي. وڏي وزير پنهنجي خطاب ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران پاڪستان انٽرنيشنل ميري ٽائيم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس 2025 لاءِ مڪمل سهڪار فراهم ڪيو ويندو. هن تقريب جي اسٽريٽجڪ اهميت تي زور ڏيندي چيو ته هي ايونٽ پاڪستان جي بحري صلاحيتن کي نمايان ڪندو ۽ ملڪ کي علائقي جي هڪ اهم مرڪز طور وڌيڪ مستحڪم بڻائيندو. هن پاڪستان نيوي جي قيادت ۽ پيشوراڻي صلاحيتن جي واکاڻ ڪندي چيو ته بحري ترقي روزگار، واپار ۽ معاشي استحڪام جا نوان موقعا پيدا ڪندي. هن سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته گڏجي ڪم ڪن ته جيئن ايڪسپو جا سڀ انتظام سٺي نموني مڪمل ٿين ۽ عالمي سامونڊي سهڪار لاءِ نوان معيار قائم ٿي سگهن. اجلاس جي ٻئي سيشن جي صدارت وائيس ايڊمرل محمد فيصل عباسي ڪئي، جنهن ۾ انتظامي، لاجسٽڪ ۽ سيڪيورٽي تيارين تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ وفاقي ۽ صوبائي کاتن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ايونٽ پارٽنرن وچ ۾ رابطن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وائس ايڊمرل محمد فيصل عباسي ٻڌايو ته پاڪستان انٽرنيشنل ميري ٽائيم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس 2025 ۾ ميري ٽائيم نمائش، عالمي ڪانفرنس، ثقافتي شو ۽ ڪاروباري ملاقاتون شامل هونديون. هي ايونٽ صنعتڪارن، محققن، پاليسي سازن ۽ سيڙپڪارن لاءِ بحري شعبي ۾ ٽيڪنالاجي، جدت ۽ ڀائيواري جا موقعا فراهم ڪندو. شرڪت ڪندڙن عزم ظاهر ڪيو ته هو پاڪستان انٽرنيشنل ميري ٽائيم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس 2025 جي ڪاميابي لاءِ پوري ڪوشش ڪندا ته جيئن پاڪستان جي بحري صلاحيتن کي اجاگر ڪري سگهجي، عالمي لاڳاپن کي وڌائي سگهجي ۽ ملڪ جي حيثيت کي هڪ ترقي پسند ۽ جديد بحري قوت طور مضبوط بڻائي سگهجي. وڏي وزير سڀني شهري ادارن کي هدايت ڪئي ته ميري ٽائيم ايڪسپو کان اڳ سڀ ضروري تياريون مڪمل ڪن ۽ ايڪسپو سينٽر ڏانهن ايندڙ ۽ ويندڙ رستن جي بهتري کي يقيني بڻائين. هن ٽريفڪ پوليس کي هدايت ڪئي ته هڪ مؤثر ٽريفڪ مينيجمينٽ پلان تيار ڪيو وڃي، ايئرپورٽ، هوٽلن ۽ ايڪسپو سينٽر جي وچ ۾ ايندڙ ويندڙ مهمانن لاءِ خاص رستا مقرر ڪيا وڃن ته جيئن کين ڪا تڪليف نه ٿئي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته شهرين جي سهولت لاءِ متبادل رستا پڻ تيار ڪيا وڃن ته جيئن ٽريفڪ جي روانگي ۾ گهٽ ۾ گهٽ رڪاوٽ پوي. هن چيو ته جيتوڻيڪ شهرين کي عارضي طور ڪجهه تڪليف ٿي سگهي ٿي پر ڪراچي کي فخر آهي ته اهو پاڪستان انٽرنيشنل ميري ٽائيم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس جهڙي باوقار تقريب جي ميزباني ڪري رهيو آهي جيڪا قومي ۽ علائقائي بحري منظرنامي ۾ شهر جي وڌندڙ ڪردار کي اجاگر ڪندي. اجلاس ۾ ڪمانڊر ڪراچي وائس ايڊمرل محمد فيصل عباسي، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر حسين شاهه، ذوالفقار شاهه ۽ ڄام اڪرام الله ڌاريجو، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، آءِ جي پوليس، سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان نيوي جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.