ڪراچي- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) بلديات، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي هدايتن مطابق صوبي جي ترقي ۽ عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، جيڪي چونڊيل نمائندا خاص طور تي يو سي چيئرمين پنهنجو ڪم نه ڪندا، تن خلاف سخت قدم کنيا ويندا. …
عوام کي رليف ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه

مزید خبریں
ڪراچي- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) بلديات، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي هدايتن مطابق صوبي جي ترقي ۽ عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، جيڪي چونڊيل نمائندا خاص طور تي يو سي چيئرمين پنهنجو ڪم نه ڪندا، تن خلاف سخت قدم کنيا ويندا. تنهن ڪري سڀ بلدياتي عملدار ۽ نمائندا صاف نيت سان عوامي مسئلا حل ڪن ۽ ترقياتي معاملن جي سخت نگراني ڪندي شفاف طريقي سان وقت سر اسڪيمون مڪمل ڪن. اهڙن خيال جو اظھار هن سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پنهنجي آفيس ۾ حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شورو سان ملاقات دوران ڪيو. حيدرآباد جي ميئر صوبائي وزير کي حيدرآباد ۾ بلدياتي معاملن سان لاڳاپيل مسئلن بابت آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته ڪيترائي يو سي چيئرمين عوامي مسئلن ۽ ترقياتي ڪمن ۾ سست رفتاري ۽ لاپرواهي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، جنهن سبب نه رڳو عوام کي رليف ڏيڻ ۾ پر ترقياتي اسڪيمون مڪمل ڪرڻ ۾ به رڪاوٽون اچي رهيون آهن. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته جيئن اسين عوامي نمائندا آهيون ۽ عوام لاءِ اميد جي ڪرڻ آهيون، تنهن ڪري عوامي مسئلن جو حل اسان جي پهرين ترجيح آهي. صوبي جي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائي ۽ عوام جي تڪليفن کي ختم ڪري اسين پنهنجي صوبي، عوام ۽ خاص طور تي پنهنجي ووٽرن جي ڀرپور خدمت ڪري سگهون ٿا. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي هدايتن تي عمل ڪندي، اسين عوام جي بغير فرق خدمت تي يقين رکون ٿا ۽ چيئرمين جي ويزن کي مڪمل ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن بلدياتي آفيسر ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ وجهن يا پنهنجو ڪم نه ڪن ته ان بابت کيس آگاهه ڪيو وڃي. اسان انهن يو سي چيئرمينن سان گڏ آهيون جيڪي عوام لاءِ ڪم ڪن ٿا ۽ انهن کي درپيش مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪنداسين.











