سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان گلگلت بلتستان جي گورنر جي ملاقات

ڪراچي- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري گلگت بلتستان ۾ تازو آيل ٻوڏ جي تباهڪارين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ جو عوام، هن مشڪل وقت ۾ گلگت بلتستان جي ڀائرن ڀينرن سان ڪلهوڪلهي سان ملائي بيٺل آهي. گورنر هائوس مان جاري پريس ليز موجب گورنر اها ڳالهه گورنر هائوس ڪراچي ۾ گورنر گلگت بلتستان سيد مهدي شاهه سان ملاقات دوران چئي. …

ڪراچي- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري گلگت بلتستان ۾ تازو آيل ٻوڏ جي تباهڪارين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ جو عوام، هن مشڪل وقت ۾ گلگت بلتستان جي ڀائرن ڀينرن سان ڪلهوڪلهي سان ملائي بيٺل آهي. گورنر هائوس مان جاري پريس ليز موجب گورنر اها ڳالهه گورنر هائوس ڪراچي ۾ گورنر گلگت بلتستان سيد مهدي شاهه سان ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ وفاقي ترقياتي رٿائن، سياحت کي هٿي وٺائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر چيو ته ترقياتي رٿائن جي وقت سر مڪمل ٿيڻ سان عوامي مسئلن ۾ نمايان گهٽتائي ايندي، جڏهن ته سياحت جهڙي شعبي ۾ اڳڀرائي سان معيشت کي به فائدو پهچندو. ان موقعي تي گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ٻڌايو ته تازي ٻوڏ سبب گلگت بلتستان ۾ شديد تباهي آئي آهي. ڪيترائي علائقا سخت متاثر ٿيا ۽ سوين گهر پاڻيءَ هيٺ اچي چڪا آهن. هن چيو ته ٻوڏ جي نقصان جي ازالي ۽ متاثر علائقن جي بحالي لاءِ وفاقي حڪومت جو سهڪار اڻٽر آهي. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي سهڪار سان نه فقط بحالي جي ڪمن ۾ مدد ملي آهي پر گلگت بلتستان ۾ سياحت کي به هٿي ملي رهي آهي، جيڪو مقامي معيشت لاءِ هڪ هاڪاري اشارو آهي.