اسلام آباد - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيپال ۾ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم سوڳوار خاندانن سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام هن مشڪل گهڙيءَ ۾ نيپال جي حڪومت …
وزيراعظم پاران نيپال ۾ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري جاني ۽ مالي نقصان تي ڏک جو اظهار
اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيپال ۾ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم سوڳوار خاندانن سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام هن مشڪل گهڙيءَ ۾ نيپال جي حڪومت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا.










