اسلام آباد-06 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان پاڪستان ۾ مقرر ايران جي سفير رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن ناتن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي قومي اسيمبليءَ جي اسيپڪر چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ناتا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط ٿيندا پيا وڃن. ٻنهي ڀائر ملڪن جا …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي ايراني سفير سان ملاقات
اسلام آباد-06 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان پاڪستان ۾ مقرر ايران جي سفير رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن ناتن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي قومي اسيمبليءَ جي اسيپڪر چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ناتا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط ٿيندا پيا وڃن. ٻنهي ڀائر ملڪن جا ناتا مذهبي، تاريخي ۽ ثقافت جي مضبوط رشتن ۾ ٻَڌل آهن. ايران پاڪستان جو اعتماد جوڳو ڀاءُ پاڙيسري ملڪ آهي، پاڪستان ايران سان پارلياماني ۽ اقتصادي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ پارلياماني رابطا ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ايراني سفير چيو ته اسرائيلي اڳرائيءَ خلاف پاڪستان جي چٽي مؤقف تي ايراني عوام ۽ پاڪستان حڪومت جي دل جي گهرائين سان ٿورو مڃي ٿو. سفير، سردار اياز صادق جو سڀ کان پهرين ايران سان يڪجهتيءَ جي اظهار ڪرڻ تي ٿورو مڃيو ۽ چيو ته پاڪستان سمورن عالمي فورمن تي ايران جي حمايت ڪئي جنهن جو ايران دل سان شڪريو ادا ڪري ٿو. سفير ٻه طرفه ناتا مضبوط بڻائڻ لاءِ پارلياماني سهڪار کي خاص اهميت وارو قرار ڏنو ۽ چيو ته اسپيڪر جو ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽن ۾ رابطن کي هٿي وٺرائڻ ۾ ڪردار تحسين جوڳو آهي.










