ڪراچي- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ”فن تعمير“ جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته ماحول دوست اڏاوتون وقت جي اهم ضرورت آهن. پائيدار ترقي لاءِ جديد ۽ محفوظ عمارتون اڻٽر آهن. اڏاوتن جي فن ۾ ماحول جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. گرين انفرااسٽريڪچر سنڌ جي روشن مستقبل جو بنياد بڻبو. شهري رٿابندي ۾ موسمياتي تبديلي کي نظر ۾ …
سنڌ جي گورنر جو ”فن تعمير“ جي عالمي ڏينهن تي پيغام

مزید خبریں
ڪراچي- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ”فن تعمير“ جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته ماحول دوست اڏاوتون وقت جي اهم ضرورت آهن. پائيدار ترقي لاءِ جديد ۽ محفوظ عمارتون اڻٽر آهن. اڏاوتن جي فن ۾ ماحول جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. گرين انفرااسٽريڪچر سنڌ جي روشن مستقبل جو بنياد بڻبو. شهري رٿابندي ۾ موسمياتي تبديلي کي نظر ۾ رکڻو پوندو. گورنر پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته اسين تعمير ڪنداسين اهڙي سنڌ جيڪا ماحول، تهذيب ۽ ترقي جو حسين امتزاج هجي.











