سنڌ جي وڏي وزير پاران والدين طرفان پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار تي سخت قدم کڻڻ جو اعلان

ڪراچي-03 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه والدين طرفان پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار تي سخت قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو آهي جن ۾ موبائل فون سمون بلاڪ ڪرڻ، قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ معطل ڪرڻ جهڙا قدم شامل آهن ته جيئن اهڙن والدين کي رابطي ۽ سفر جي سهولتن کان محروم ڪيو وڃي. اهڙو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ پوليو جي خاتمي …

ڪراچي-03 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه والدين طرفان پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار تي سخت قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو آهي جن ۾ موبائل فون سمون بلاڪ ڪرڻ، قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ معطل ڪرڻ جهڙا قدم شامل آهن ته جيئن اهڙن والدين کي رابطي ۽ سفر جي سهولتن کان محروم ڪيو وڃي. اهڙو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ پوليو جي خاتمي بابت اجلاس جي صدارت  دوران ڪيو. وڏي وزير چيو ته اهڙا والدين نه فقط پنهنجي ٻارن پر ٻين ٻارن کي به پوليو جي خطري ۾ وجهن ٿا. مراد علي شاهه چيو مون وٽ هاڻ ٻيو ڪو رستو ناهي بچيو سواءِ ان جي ته اهڙن والدين کي سزا ڏيان جيڪي پنهنجي قومي ذميواريءَ کان غفلت ڪن ٿا. پوليو جي خاتمي جي ذميواري گهر کان شروع ٿئي ٿي ۽ اها سڄي صوبي ۽ ملڪ تي اثرانداز ٿئي ٿي. وڏي وزير پوليو ويڪسين انڪار سيل وزيراعليٰ هائوس ۾ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن کي يونين ڪائونسل جي سطح تي انهن والدين جا تفصيل فراهم ڪيا ويندا جيڪي ڦڙا پلائڻ کان انڪار ڪن ٿا تھ جيئن انهن کي سماجي، سياسي ۽ انتظامي ذريعن سان قائل ڪيو وڃي. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته وڏي ڪوششن جي باوجود پوليو جا ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. هن صحت کاتي ۽ ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته پوليو جي خاتمي لاءِ سنجيدگيءَ سان قدم کنيا وڃن. وڏي وزير چيو ته پوليو مهم ۾ غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. جيڪو آفيسر ڪارڪردگي نه ڏيکاريندو سو منهنجي ٽيم جو حصو نه رهندو. مان اڳ ۾ به ڪجهه آفيسرن کي هٽائي چڪو آهيان ۽ وڌيڪ غفلت تي به ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته اجلاس جو مقصد پوليو مهم کي يونين ڪائونسل جي سطح تي نئين جذبي سان شروع ڪرڻ آهي. گذريل هفتي ٻه نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جن بعد صوبي ۾ ڪل پوليو ڪيسن جو انگ 9 ٿي ويو جيڪو انتهائي ڏکوئنيدڙ آهي. ملڪ ۾ ڪل 29 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جن مان 18 خيبرپختونخوا، 9 سنڌ، ۽ پنجاب ۽ آزاد ڪشمير مان هڪ هڪ رپورٽ ٿيو آهي. صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ۽ اي او سي ڪوآرڊينيٽر ارشاد سوڍڙ وڏي وزير کي بريفنگ ڏني. نوان ڪيس ٺٽو ۽ بدين مان ٻه ٻه، جڏهن ته مٽياري، عمرڪوٽ، حيدرآباد، قمبر ۽ لاڙڪاڻي مان هڪ هڪ رپورٽ ٿيا. ڪراچي ۽ ملير جا ڪيس والدين جي انڪار سبب آيا. وڏي وزير چيو ته والدين جي انڪار تي قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. والدين ڪيئن پنهنجي ٻارن کي معذوريءَ ڏانهن ڌڪين ٿا؟ اهو انڪار صرف پنهنجن ٻارن لاءِ نه پر ٻين ٻارن لاءِ به خطرو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي جي مختلف علائقن مان ورتل ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس موجود آهي، جن ۾ سهراب ڳوٺ، مڇرڪالوني، چڪرا نالو، راشد منهاس (اوڀر ڪراچي)، خميسو ڳوٺ، اورنگي، محمد خان ڪالوني (ڪياماڙي)، بختاور ڳوٺ (ملير)، ڪورنگي نالو (ڪورنگي)، حاجي مريد ڳوٺ (سينٽرل ڪراچي)، هجرت ڪالوني ۽ منظور ڪالوني (ڏکڻ ڪراچي) شامل آهن. وڏي وزير هدايت ڪئي ته انڪار ختم ڪرڻ لاءِ انتظامي قدم کنيا وڃن ۽ رپورٽ پيش ڪئي وڃي.وڏي وزير چيو ته پوليو مهم کي 13 آڪٽوبر کان جنگي بنيادن تي هلائجي. سڄي انتظاميا کي هن مهم ۾ سرگرم حصو وٺڻ گهرجي. وڏي وزير عوام کي به اپيل ڪئي ته اڳتي اچن ته جيئن پنهنجا ۽ پاڙيسري ٻار پوليو کان محفوظ رهن. سيپٽمبر جي مهم ۾ 216664 ٻار پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان محروم رهيا جن مان 181142 ٻار گهرن ۾ موجود نه هئا ۽ 35522 ٻارن جي والدين انڪار ڪيو. وڏي وزير ريفيزل ڪنورشن ڪاميٽي  کي فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن اهڙن ڪيسن تي فوري طور ڪم ڪري سگهجي. بريفنگ کان پوءِ وڏي وزير چيو ته هو انڪار ڪندڙ والدين جا موبائل سِمون، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي. هن لاءِ وڏي وزير چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه کي هدايت ڪئي ته منصوبا پيش ڪري. وڏي وزير وزيراعليٰ هائوس ۾ پوليو ڊراپ ريفيزل سيل قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته صحت کاتو يونين ڪائونسل سطح تي انڪار ڪندڙ والدين جي فهرست ڏئي جڏهن ته چونڊيل نمائندا، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي اهڙن گهرن جو دورو ڪري ٻارن کي ڦڙا پيارين. وڏي وزير چيو ته هن سال جا نوان ڪيس گهڻو ڪري  ڳوٺاڻن علائقن مان رپورٽ ٿيا آهن تنهن ڪري هن ڀيري لاڏائو خاندانن کي به پوليو مهم ۾ شامل ڪيو وڃي. اجلاس ۾ وزير صحت ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، آءِ جي غلام نبي ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، وڏي وزير  جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد عباسي، سيڪريٽري بلديات وسيم شمشاد، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو خالد حيدر شاهه، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد اوڍو، ڪوآرڊينيٽر اي او سي ارشاد سوڍڙ، ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر وقار محمود، سڀ ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي ۽ وڊيو لنڪ ذريعي سڀ ڊويزنل ڪمشنر، ڊي آءِ جِي ۽ ڊي ايڇ او شامل هئا۔

مزید خبریں