سنڌ جي گورنر سان بنگلاديش جي نئين مقرر ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

ڪراچي-03 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان بنگلاديش جي نئين مقرر ڊپٽي هاءِ ڪمشنر محمد ثاقب صداقت گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري ۽ وفدن جي مٽاسٽا سوڌو گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جا لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مستحڪم …

ڪراچي-03 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان بنگلاديش جي نئين مقرر ڊپٽي هاءِ ڪمشنر محمد ثاقب صداقت گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري ۽ وفدن جي مٽاسٽا سوڌو گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جا لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن ۽ سفارتي رابطن ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ملاقات دوران گورنرڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي عوامي ڀلائي جي قدمن تحت ضرورت مندن لاءِ رکيل راشن به ڏيکاريو. بعد ۾ ڊپٽي هاءِ ڪمشنر قوم جي ابي قائداعظم محمد علي جناح جي تاريخي ڪمري جو دورو ڪيو ۽ سندس استعمال هيٺ شين جو معائنو ڪيو. هن مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به قلمبند ڪيا.