سنڌ جي زراعت واري وزير جي گڏيل عرب امارتن جي ڪراچيءَ ۾ قونصل جنرل سان ملاقات

ڪراچي-03 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي زراعت واري وزير سردار محمد بخش مھر، گڏيل عرب امارتن جي ڪراچيءَ ۾ قونصل جنرل بخيت عتيق الرميثي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ به موجود ھئا۔ اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل خبر موجب ملاقات ۾ زرعي شعبي ۾ سهڪار جا امڪان ۽ گڏيل دلچسپيءَ وارا معاملا  بحث هيٺ آيا۔ سردار محمد بخش مھر …

ڪراچي-03 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي زراعت واري وزير سردار محمد بخش مھر، گڏيل عرب امارتن جي ڪراچيءَ ۾ قونصل جنرل بخيت عتيق الرميثي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ به موجود ھئا۔ اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل خبر موجب ملاقات ۾ زرعي شعبي ۾ سهڪار جا امڪان ۽ گڏيل دلچسپيءَ وارا معاملا  بحث هيٺ آيا۔ سردار محمد بخش مھر چيو ته زرعي پيداوار کي جديد بنيادن تي قائم ڪرڻ لازمي آھي، سنڌ حڪومت ھارين جي ڀلائي ۽ فلاح لاءِ ھر ممڪن قدم کڻي رھي آھي۔ يو اي اي جي قونصل جنرل بخيت عتيق الرميثي ان موقعي تي چيو ته سنڌ جي زرعي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ جا وسيع امڪان موجود آھن ۽ گڏيل سهڪار سان واپاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا۔ سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته سنڌ ۽ دوست ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ بھتر ٿيندا۔ ميئر سکر ارسلان اسلا م شيخ چيو ته شھرن جي ترقي ۽ اربن ڊولپمينٽ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آھي، سکر ۾ ترقياتي منصوبن ۽ انفراسٽرڪچر جي بھتري تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي۔

مزید خبریں