حيدرآباد ۾ عبدالله مال ڀرسان تيز رفتار ڪار  ڪلٽي، هڪ شخص فوت

حيدرآباد-01 آڪٽوبر(اي پي پي) حيدرآباد ۾ باءِ پاس تي عبدالله مال ڀرسان تيز رفتار ڪار ڪلٽي  ٿي پئي جنهن کان پوءِ ان کي باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾  سوار هڪ شخص سڙي فوت ٿي ويو جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. حادثي جو اطلاع ملڻ تي رسيڪيو 1122 جي ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي ڪار ۾ لڳل باهه تي ضابطو آندو ۽ سڙي  فوت ٿي ويل شخص جو لاش  ٻاهر ڪڍي …

حيدرآباد-01 آڪٽوبر(اي پي پي) حيدرآباد ۾ باءِ پاس تي عبدالله مال ڀرسان تيز رفتار ڪار ڪلٽي  ٿي پئي جنهن کان پوءِ ان کي باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾  سوار هڪ شخص سڙي فوت ٿي ويو جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. حادثي جو اطلاع ملڻ تي رسيڪيو 1122 جي ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي ڪار ۾ لڳل باهه تي ضابطو آندو ۽ سڙي  فوت ٿي ويل شخص جو لاش  ٻاهر ڪڍي ايڌي ايمبولينس ذريعي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو. ريسڪيو ترجمان موجب ڪار مڪمل طو تي سڙي وئي آهي جنهن جي ڪري فوتي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. حادثي کان پوءِ روڊ تي  ٽريفڪ جام  ٿي وئي جيڪا بعد ۾ بحال ڪرائي وئي.