ڪراچي-30 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ ٻه وڌيڪ پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي بدين ۽ ڪيماڙي جي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو، بدين ۽ ٺٽو جي ڊپٽي ڪمشنرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ماتلي ۽ ميرپور ساڪرو جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي به عهدي تان هٽائي ڇڏيو. هن چيو ته پوليو هڪ معذور …
سنڌ جي وڏي وزير صوبي ۾ ٻه وڌيڪ پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي بدين ۽ ڪيماڙي جي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
ڪراچي-30 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ ٻه وڌيڪ پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي بدين ۽ ڪيماڙي جي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو، بدين ۽ ٺٽو جي ڊپٽي ڪمشنرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ماتلي ۽ ميرپور ساڪرو جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي به عهدي تان هٽائي ڇڏيو. هن چيو ته پوليو هڪ معذور بڻائيندڙ بيماري آهي ۽ ان جو خاتمو اسان جو قومي فرض آهي، جيڪو هر ڪنهن کي ايمانداري سان ادا ڪرڻو پوندو. غفلت ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ پوليو جي خاتمي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس م وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته حيدرآباد ڊويزن مان نوان ڪيس سامهون آيا آهن جن ۾ هڪ حيدرآباد، هڪ بدين ۽ هڪ ٺٽو مان آهي. صحت واري وزير چيو ته تازين مهمن ۾ 98 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻارن کي ويڪسين ڏني وئي، ان باوجود وائرس ٻارن کي متاثر ڪري رهيو آهي. اجلاس ۾ ڄاڻايو ويو ته سنڌ ۾ ھيستائين پوليو جا 9 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جن ۾ بدين مان 3، ٺٽو مان 2 ۽ حيدرآباد، لاڙڪاڻو، قمبر ۽ عمرڪوٽ مان هڪ هڪ ڪيس شامل آهي. وڏي وزير ڪاوڙ جو اظهار ڪندي بدين جي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر انجم علي سومرو ۽ ڪيماڙي جي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر ولي محمد راهمون کي معطل ڪرڻ، بدين ۽ ڪيماڙي جي ڊپٽي ڪمشنرن کي نوٽيس جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ساڳئي وقت ماتلي ۽ ميرپور ساڪرو جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي به خراب ڪارڪردگي سبب هٽايو ويو. چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه انهن حڪمن جي توثيق ڪئي. مراد علي شاهه چيو ته اسان جون مهمون گهڻي حد تائين آبادي تائين پهچي رهيون آهن پر پوليو جي خاتمي جو مقصد هر ٻار کي بچائڻ آهي. صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا چيو ته وائرس هڪ موقعو پرست دشمن آهي جيڪو معمولي لاپرواهي جو فائدو وٺي ٿو تنهنڪري حڪمت عملي هاڻي انهن ٻارن کي منظم طريقي سان ڳولڻ ۽ بچائڻ تي مرڪوز آهي، جيڪي رهجي وڃن ٿا. وڏي وزير صحت کاتي ۽ ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اي او سي) کي هدايت ڪئي ته سيپٽمبر ۾ نون ڪيسن جي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ پوليو خلاف هڪ جارحاڻو مرحلو شروع ڪيو وڃي. پاڪستان ۾ 2024 جي ڀيٽ ۾ ڪيسن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي پر صوبي ۾ ڪجهه مستقل چيلينجز وائرس کي گردش ۾ پيا رکن. کيس ٻڌايو ويو ته سيپٽمبر جي مهم ۾ لڳ ڀڳ 4500 والدين ٻارن کي ويڪسين ڏيارڻ کان انڪار ڪيو. وڌيڪ اهو به ٻڌايو ويو ته سنڌ جا 81 سيڪڙو ماحولياتي نمونا مثبت اچي رهيا آهن ۽ ڪراچي جا سڀ 12 سائيٽ به لڳاتار مثبت اچي رهيا آهن. بدين ۽ عمرڪوٽ ۾ سامهون آيل تازا ڪيس موبائل ۽ لڏي آيل آباديءَ سان واسطو رکن ٿا جن تائين پهچڻ ڏکيو هوندو آهي. وڏي وزير صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته 2025 جي آخري ٽه ماھي لاءِ هڪ جامع منصوبو تيار ڪيو وڃي. هن چيو آڪٽوبر ۽ ڊسمبر ۾ ٻه وڏي پيماني جون مهمون هلايون وڃن. وڌيڪ اهو به اعلان ڪيو ويو ته هڪ وڏي آپريشن وسيلي سيپٽمبر جي مهم ۾ رهجي ويل ٻارن تائين ويڪسين پهچائي ويندي. وڏي وزير زور ڏنو ته مهم کان اڳ مقامي برادريءَ جي بااثر ماڻهن ۽ ڊاڪٽرن کي شامل ڪيو وڃي ته جيئن والدين جا خدشا ختم ڪيا وڃن ۽ انڪار جي شرح گهٽائي سگهجي. مراد علي شاهه چيو ته پوليو فري سنڌ جو رستو صاف آهي. اسان وٽ منصوبا، وسيلا ۽ عزم موجود آهي. هاڻي اسان سڀ کان وڌيڪ خطري وارن ضلعن ۾ سينيئر ٽيمون موڪلي رهيا آهيون، جيئن اسان جون ڪوششون هر گهر ۽ هر ٻار تائين پهچن. هن آخري مرحلي ۾ هر ڪميونٽي اڳواڻ ۽ والدين جو سهڪار لازمي آهي. اجلاس ۾ صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ، اي او سي ڪوآرڊينيٽر ارشاد سوڍڙ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.











